ڪارُونڀارَ بابت
معنيٰ
ڀنڀ اونده، گهاٽ. اونداهي. هيبت ناڪ منظر، ڀوائتا ڏيک. جبلن، سمنڊ يا درياءَ جو خوفائتا چاڙه.
Scary scenes of darkness in high waters or mountains. Scary darkness.
بيتن ۽ وائين ۾
- آڇاڙا عَمِيقَ جا، گَڏِئا غَواصَنِ، جُهڙِيُون جهاڳي آيا، ڪارُونڀارَ ڪُنَنِ، سَمُنڊُ سوجهي جَنِ، آڻي اَمُلَ اولِئا.[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- لَنڪا لَنڪا ڪَنِ، لاءِ لَنڪا جٖي اُھَرِئا، پَسِي سونُ لَنڪا جو، سُکُ نَہ سامُونڊِيَنِ، پِرھَ پَڳَھَ ڇوڙِيا، کاري کيڙائُنِ، آئُون…[ سُر سامونڊي - سيءَ ۽ جهيڙا ]
- جَا مُھاڙَ ميھارَ، سا مينھِيَنِ نَہ ٿِي، ڪَپَرُ ڪارُونڀارَ، ڪِيئَن لَنگهَندِيُون ڪُنڍِيُون.[ سُر سھڻي - مينھون، چاھڪ، کرڪن ]
- ھاواڻا ھُلَنِ، ڪَپَرَ ڪارُونڀارَ جا، لَهرِيُون لُڙَ لَطِيفُ چئَي، ڀيلي تي ڀُلَنِ، جٖي ڪَچي ساڻُ ڪَھَنِ، آگا تَنِ اوباھيين.[ سُر سھڻي - ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار ]
- ڪَچو کان ڪُنڀارَ، اوڳِي کَڻِيئو اُٿِيين، ڪِ تو ڪَنين نَہ سُئِي، ڀيلي تي ڀُلِڪارَ، لوڙِھِئا لَکَ لَطِيفُ چئَي، ڪوڙيِين ڪارُونڀارَ،…[ سُر سھڻي - ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار ]
- سَچا سَيِّدَ مُون کي تُون، وَھِيان واھَرَ، نيئِي نيئِي اَوَلِ پِريان جي پارَ ڏي، ڪُنَ جٖي ڪارُونڀارَ جا، سي آئُون…[ سُر سھڻي - وايون ]
- ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، جِتي ڪوھَنِ ۾ ڪارِي، سُڄي ٿِي سَيِّدُ چئَي، اَڳِئان اَنڌارِي، روزُ تَپي وارِي، ڪارُونڀارَ ڪافَنِ جِي.[ سُر ديسي - ڪرڙا ڏُونگر ]