ڪارُونڀارَ جي سنڌي معنيٰ
ڀنڀ اونده، گهاٽ. اونداهي. هيبت ناڪ منظر، ڀوائتا ڏيک. جبلن، سمنڊ يا درياءَ جو خوفائتا چاڙه.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Scary scenes of darkness in high waters or mountains. Scary darkness.
ڪارُونڀارَ جا بيتن ۾ حوالا
آڇاڙا عَمِيقَ جا، گَڏِئا غَواصَنِ،
جُهڙِيُون جهاڳي آيا، ڪارُونڀارَ ڪُنَنِ،
سَمُنڊُ سوجهي جَنِ، آڻي اَمُلَ اولِئا.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 14 ]
جُهڙِيُون جهاڳي آيا، ڪارُونڀارَ ڪُنَنِ،
سَمُنڊُ سوجهي جَنِ، آڻي اَمُلَ اولِئا.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 14 ]
لَنڪا لَنڪا ڪَنِ، لاءِ لَنڪا جٖي اُھَرِئا،
پَسِي سونُ لَنڪا جو، سُکُ نَہ سامُونڊِيَنِ،
پِرھَ پَڳَھَ ڇوڙِيا، کاري کيڙائُنِ،
آئُون جَهلِيندِي ڪيتِرو، آيَلِ سامُونڊِيَنِ،
وَڏي ڀاڳِ ڀِرَنِ، جٖي ڪَھِيا ڪارُونڀارَ ڏي.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 27 ]
پَسِي سونُ لَنڪا جو، سُکُ نَہ سامُونڊِيَنِ،
پِرھَ پَڳَھَ ڇوڙِيا، کاري کيڙائُنِ،
آئُون جَهلِيندِي ڪيتِرو، آيَلِ سامُونڊِيَنِ،
وَڏي ڀاڳِ ڀِرَنِ، جٖي ڪَھِيا ڪارُونڀارَ ڏي.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 27 ]
سَچا سَيِّدَ مُون کي تُون، وَھِيان واھَرَ،
نيئِي نيئِي اَوَلِ پِريان جي پارَ ڏي،
ڪُنَ جٖي ڪارُونڀارَ جا، سي آئُون ڀايان ڀُون،
سَندو جِيئَڻَ آسِرو، مَنان لاٿو مُون.
[ سُر سھڻي، وايون، 2 ]
نيئِي نيئِي اَوَلِ پِريان جي پارَ ڏي،
ڪُنَ جٖي ڪارُونڀارَ جا، سي آئُون ڀايان ڀُون،
سَندو جِيئَڻَ آسِرو، مَنان لاٿو مُون.
[ سُر سھڻي، وايون، 2 ]
جَا مُھاڙَ ميھارَ، سا مينھِيَنِ نَہ ٿِي،
ڪَپَرُ ڪارُونڀارَ، ڪِيئَن لَنگهَندِيُون ڪُنڍِيُون.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 19 ]
ڪَپَرُ ڪارُونڀارَ، ڪِيئَن لَنگهَندِيُون ڪُنڍِيُون.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 19 ]
ھاواڻا ھُلَنِ، ڪَپَرَ ڪارُونڀارَ جا،
لَهرِيُون لُڙَ لَطِيفُ چئَي، ڀيلي تي ڀُلَنِ،
جٖي ڪَچي ساڻُ ڪَھَنِ، آگا تَنِ اوباھيين.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 4 ]
لَهرِيُون لُڙَ لَطِيفُ چئَي، ڀيلي تي ڀُلَنِ،
جٖي ڪَچي ساڻُ ڪَھَنِ، آگا تَنِ اوباھيين.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 4 ]
ڪَچو کان ڪُنڀارَ، اوڳِي کَڻِيئو اُٿِيين،
ڪِ تو ڪَنين نَہ سُئِي، ڀيلي تي ڀُلِڪارَ،
لوڙِھِئا لَکَ لَطِيفُ چئَي، ڪوڙيِين ڪارُونڀارَ،
اُڪارِيين آڌارَ، آران آکي وارِيُون.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 6 ]
ڪِ تو ڪَنين نَہ سُئِي، ڀيلي تي ڀُلِڪارَ،
لوڙِھِئا لَکَ لَطِيفُ چئَي، ڪوڙيِين ڪارُونڀارَ،
اُڪارِيين آڌارَ، آران آکي وارِيُون.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 6 ]
ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، جِتي ڪوھَنِ ۾ ڪارِي،
سُڄي ٿِي سَيِّدُ چئَي، اَڳِئان اَنڌارِي،
روزُ تَپي وارِي، ڪارُونڀارَ ڪافَنِ جِي.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 12 ]
سُڄي ٿِي سَيِّدُ چئَي، اَڳِئان اَنڌارِي،
روزُ تَپي وارِي، ڪارُونڀارَ ڪافَنِ جِي.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 12 ]
English Meaning
Scary scenes of darkness in high waters or mountains. Scary darkness.