ڪارُونڀارُ جي سنڌي معنيٰ
ڀنڀ اونده، گهاٽ. اونداهي. هيبت ناڪ منظر، ڀوائتو ڏيک. سمنڊ يا درياءَ جو خوفائتو چاڙه.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Scary vision of high water in ocean. Scary darkness.
ڪارُونڀارُ جا بيتن ۾ حوالا
آڏو چِڪَڻُ چاڙُه، مُنھِنجِي مَوجَ نَہ سَھي مَڪُڙِي،
ميڙي مَٺايُنِ جو، بيحَد چاڙھيُمِ بارُ،
چَوَڻَ چارو ناھِ ڪو، بَدِيُون بيشُمارُ،
ڪَپَرُ ڪارُونڀارُ، اُڪارِيين اِحسانَ سين.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 16 ]
ميڙي مَٺايُنِ جو، بيحَد چاڙھيُمِ بارُ،
چَوَڻَ چارو ناھِ ڪو، بَدِيُون بيشُمارُ،
ڪَپَرُ ڪارُونڀارُ، اُڪارِيين اِحسانَ سين.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 16 ]
اُڀو تَڙِ ميھارُ، مَلاحَنِ سَڏَ ڪَري،
آئُون پُڻ وِجهان ھَٿَڙا، اَئِين پُڻ وِجهو ڄارُ،
گهورِيُون ڪارُونڀارُ، مانَ مِڙَنِھَئُون سُپِرِين.
[ سُر سھڻي، ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا، 4 ]