ڪارَڻِي بابت
معنيٰ
فاعل، ڪرڻ وارو، ڪندڙ ڪم. نائب، گماشتو، ڀَلاوڻو. سنڀاليندڙ، مددگار، حامي، سرپرست. ڀرجهلو. والي وارث. وسيلو، ذريعو. ڪارساز. شفاعت ڪندڙ، شافِعُ.
An heir. Guardian
بيتن ۽ وائين ۾
- وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ ، جانۡ ٿو چَئِين اِيئَن، تانۡ مَڃُ مُحَّمَدُ ڪارَڻِي، نِرتو مَنجهان نِينھَن، تان تُون وَڃِئو ڪِيئَن،…[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ ، جَڏھِن چَيو جَنِ، تَنِ مَڃِئو مُحَّمَدُ ڪارَڻِي، ھيجا ساڻُ ھِنيَنِ، تَڏِھِين مَنجهان تَنِ، اَوَتَڙِ ڪونَہ…[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ ، جَنِ اُتو سين اِيمانَ، تَنِ مَڃِئو مُحَّمَدُ ڪارَڻِي، قَلبَ ساڻُ لِسانَ، اُوءِ فائِقَ ۾ فَرمانَ،…[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- تَران تَہ مَران، وَران تَہ وَھُ وِتَرو، ھِينئَڙي ۾ ھوتَنِ جا، اَچَنِ گهورَ گَهڻا، پَسِئو پاڙي وارِيُون، ڏِسِئو ڏوھَ ڏَران،…[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- طَعني لاءِ تَران، مَٿي وَھَ واڪا ڪِئو، مُون کي سِڪَ سَيِّدُ چئَي، مَرُ مَحَبتَ مَنجِهہ مَران، وِچان ڪِيئَن وَران، جُھ…[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- اَدا اي ٻانڌِي ٻيٽَنِ وارا، اي ريٽَن وارا ڪِٿي پِرِيَنِ پارُ، ڪَنڌِيءَ ڪَندُمِ ڪارَڻِي، ساھَڙ ڄامُ سَتارُ، ساڻِي ٿيندو سِيرَ…[ سُر سھڻي - وايون ]
- ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، جَبَلَ جِتِ جَهجها، موٽُ مُحَّمَدَ ڪارَڻِي، عالَمَ جا اَجها، پُنهونءَ ري سَنجها، مُون ووڙِيندِيءَ وَرُ مِلي،[ سُر ديسي - ڪرڙا ڏُونگر ]
- گُلُ ڇِنُو گِرنارَ جو، ڌَٻِڪِئو دُئارُ، ڪوڙيِين سَندو ڪارَڻِي، اَڙِيَنِ جو آڌارُ، وَسِيلو وِلهَنِ جو، سَڀَنِي جو سَردارُ، اِھَڙو راءِ…[ سُر سورٺ - ماتام ۽ موڪلاڻي ]
- مُون کي دوسِتَ حَبِيبَ جو، آسِرو آھي، جان جان اوڏا ڪَرَھا، پُڄان تان ڪاھي، موٽُ مُنھِنجا سُپِرِين، واڳُون وَرائي، آھي…[ سُر بلاول - وايون ]