کِلَ بابت
معنيٰ
ٽھڪڙو، ٽھڪ، ٽھ ٽھ. مزو، قرارُ، آنند. چرچو، گهٻو، خندو، چٿر، ٺٺولي، مذاق.
Laughing, a laugh, derision.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڏُکِيءَ ڏَمَرُ ناھِ، بُکِيءَ کِلَ نَہ اُڄَھي، اُگهاڙِيءَ وِھانءُ، وِئو وِروھَڻُ وِسِرِي.[ سُر معذوري - نڱي بي بوجهہ ]
- گامُ مِڙيوئِي گوجَرِيين، مَنجِهہ رَٺُڙِيُون رَھَنِ، ڏَھَ ڏَھَ ڀيرا ڏِينھَن ۾، خُونُ کِلَندي ڪَنِ، سامُهُون وَڃُ مَ تَنِ، اَڳِئان راڻا…[ سُر راڻو - ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ ]
- مُومَلَ سُومَلَ سَھِجان، ڪا مُرادِي مَنجِهنِ، پِينگهُون وَٽايو پَتَ جُون، لِيمِي لامَ لُڏَنِ، چَرَخا چَندَنِ عاجَ جا، ڪيوڙي ھيٺِ ڪَتَنِ،…[ سُر راڻو - ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ ]
- نَہ کِلَنِ نَہ کِينِ ڪِي، نَڪِي ڳالَهائِينِ، ڪَنھِن جَنھِن ۾ آھِينِ، سا پَرِ پَروڙَڻُ ڏاکَڙو.[ سُر رامڪلي - بُک، طعام، گدا ۽ گبري ]
- تَنِ اَکَڙِيُنِ اُتا سُکَ، کِلَندِي کَڻَنِ جَي، پِرِيَنِ پاپوھَڻَ سان، ڏُورِ ڪِئا سَڀَ ڏُکَ، ماڻُهنِ ليکي بُکَ، سامِي سُورَ سَنها…[ سُر پورب - سامي سنياسي ]
- ساھيڙِيُون ۽ سَرَتِيُون، کِلَنِ سَڀَ مَٿامِ، جيڪُسِ ڪَمَ سَندامِ، جُوٺا ڏِٺا جيڏِيين.[ سُر ليلا - ليلا ليلائيج ]
- ھُيَسِ دادِلِي دوُسَ جِي، ٻئو وَرَ جو ھومِ واءُ، چانڪِ کِلي چَڙَھندِيَسِ کَٽَ تي، ريجهائِيندِيَسِ راءُ، ڪَونئُوروءَ جَھِڙِيُون ڪيتِرُون، دايُون…[ سُر ليلا - ڏيئي جي ڏھاڳ ]
- مُسَنِ مُنھَن سَنِرا، کَرِئا گهَڻو کِلَنِ، سي تان وِسِرِئَنِ، آئِيا جَنِ ڪَمَنِ لَيءِ.[ سُر ڏھر - نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ ]
- خَبَرَ ٿِئي کِلَنِ، سُڻِي ڀَؤُ نَہ ڀَڄِڻان، چارِيءَ مَٿان چَٿَرُون، پاڻا اُڀا ڪَنِ، لاکو مَٿان تَنِ، اَڻَ سَنڀُوڙي آيو.[ سُر ڏھر - اڄ گهرجين تُون ]
- اَکڙِيُون اَکَڙِيُنِ تي، ڏَمَرَ ڏُکَ ڪَرِين، جيلاھَ سِڪَڻُ سِکِيُون، تي دَعويٰ مَنجِهہ دَڙِينِ، کِلَنِ ۽ کَڙِينِ، رُسَنِ پَرچَنِ پاڻَ ۾.[ سُر آسا - نيراني اکڙيون ]
- ڪوجها نَظَرَ ڪَنِ، اَکِيُنِ اَدَبُ ڇڏِئو، کَرَنِ ساڻُ کِلَنِ، وَھِ پِيو وِڙَنِ سين.[ سُر آسا - نيراني اکڙيون ]
- آئُون ڪِيئَن سَوَڙين سُمَهان، مُون وَرُ گهاري وِلَهہ؟ کَٿيرِيءَ تان کِلَ، عُمَرَ ڪِجِ مَ اِھَڙِي.[ سُر مارئي - سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ ]
- ھِنَ مُندَ مارُو سَنِرا، ڍَنگهَرَ ڍارَ رَھَنِ، پاڻِي پوڄَ پَٽَنِ ۾، پَکَي پاندِ پِيَنِ، ھِنَ کي لوھَ لَطِيفُ چئَي، ھُوءِ…[ سُر مارئي - لوھ نير، مند مارُو ]