کِدا بابت
معنيٰ
پيالي، جمني، ڪستو. پٿرڻي نموني تي بستري جو حصو.
A goblet, bowl, a feast of mendicants, begging-bowl, quaich, fire-pan (of musket).

بيتن ۽ وائين ۾
- سَتاوِيھِينءَ سِرَ تي، ٿا ڀوڳِي وِجَهنِ ڀاڻُ، لايو خاڪِ لِڱَنِ کي، پتوڙِينِ پاڻُ، کِدائُون ۽ گودَڙِيوون، ھُيون سَناسِيَنِ ساڻُ، اُنِهين…[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]
- کُوءِ گودَڙَ ٻَنِ گَبرِيُن، نيئِي کِدائُون کانءِ، جيڏاھِين جوڳُ وِئو، نيڻَ تيڏاھِين پاءِ، ڀورا اِيَھِين ڀانءِ، تَہ سِڱِي شامَتَ ھَٽَ…[ سُر رامڪلي - سڳا سيلهيون ۽ نااميدي ]
- کَڻُ گودَڙُ ٻَڌُ گَبرِي، کانءِ مَ کِدائُون، جِندا وَڃِي جوڳَ سين لَھِجِ ڪِي لائُون، اِيئَن ڪوھُ اُتائُون تَہ سِڱِيُون شامَتِ…[ سُر رامڪلي - سڳا سيلهيون ۽ نااميدي ]
- بييُون بَرتَنُ ناھِ ڪو، کِدا تان نَہ کَڻَن، نَہ گُلُوبَندُ نَہ گودَڙِي، نَہ ڌاڳو ڌَڙڪِنِ، چَڪَرُ چَمِڙو چيلِهہ تي، ٻَهڳُڻَ…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- شالَ اوڏڙا آھِنِ، ٻَڙِي جيڏِيُون، پَلَڪُ پِريان ري نَہ رَھان، نَڪِي ھيٺِ نَہ بيٺِ ڪِي، کِدا تان نَہ کَڻَنِ، اُپَڙِي…[ سُر رامڪلي - وايون ]
- مَنَ مُنڊائُون پييُون، مُون کي سامِيَنِ ساڻُ، نَہ ڪِي کَڻَنِ پاڻَ سين، نَڪو ساڻُنِ پاڻُ، پُرِئا پُورَڀَ پَنڌَ ڏي، ڄاڻِي…[ سُر پورب - وايون ]