کِدا جي سنڌي معنيٰ
پيالي، جمني، ڪستو. پٿرڻي نموني تي بستري جو حصو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A goblet, bowl, a feast of mendicants, begging-bowl, quaich, fire-pan (of musket).
کِدا جا بيتن ۾ حوالا
بييُون بَرتَنُ ناھِ ڪو، کِدا تان نَہ کَڻَن،
نَہ گُلُوبَندُ نَہ گودَڙِي، نَہ ڌاڳو ڌَڙڪِنِ،
چَڪَرُ چَمِڙو چيلِهہ تي، ٻَهڳُڻَ ڪونَہ ٻَڌَن،
تَرَڪ الْدُنِیاْ وَاْجِب ، اِيءَ عادَتَ عارِفَنِ،
ٻِيُون ڏيئِي ٻَنِ، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 2 ]

شالَ اوڏڙا آھِنِ، ٻَڙِي جيڏِيُون، پَلَڪُ پِريان ري نَہ رَھان،
نَڪِي ھيٺِ نَہ بيٺِ ڪِي، کِدا تان نَہ کَڻَنِ،
اُپَڙِي نِتُ نِھارِيان، واٽُون ويراڳِينِ،
اُتَرُ اَجهو جَنِ جو، بُکَ بِکِيا تَنِ،
لوڪَ سُتي ڇَڏِئا، آسَڻَ آديسِيَنِ،
اَگَرُ چَندَنُ اُڀِري، مَنجهان دُودَ دُونھِيَنِ،
پَسِي آئُون پُرِ ٿِي، تَنِ صُورَتَ سَناسِيَنِ.
[ سُر رامڪلي، وايون، 21 ]