ڏِيلُ بابت
معنيٰ
بدن، جسم، ديھَ، ڀڀري، جثو، ڏيھي، ديھي، بت، تن، سَرِيرُ، ڪايا، ڍڍُ، پيٽُ. بدن جي بيھڪ، هاٺي، قد، ڪاٺي، قدَ بُت، قدقامت. اندر، من، دِل. اندازُ، ڪاڇو، ماپَ، ڪَٿَ، تَڪَ، آڪارُ، مقدارُ. ٻاهرين بناوت، تجمل.
Body, corpus, innermost, corpora
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪُٺِيَسِ ڪُويڄَنِ، تَنَ طَبِيبَ نَہ گَڏِئا، ڏيئِي ڏَنڀَ ڏَڏَنِ، پاڻان ڏِيلُ ڏُکويو.[ سُر يمن ڪلياڻ - ويڄ ۽ دارُون ]
- ڏُکَ لاھِيندا ڏُونگَرَ وو ماءَ، پِرِيَنِ جا مُون کي سَڀَيئِي، ڏاڍِي ذاتِ جَتَنِ جِي، وِئَڙا ڏِيلُ ڏَھِي، جَو پَسان سو…[ سُر آبڙي - وايون ]
- پَنڌُ مِڙيوئِي پاڻَ تي، ويچارِيءَ وِڌو، ڏِيلُ تَنھِن جو ڏُکَ سين، سَڀوئِي سِڌو، ھُئَڙُسِ اَڳَ لِڌو، پوءِ ٿِي ڪَري پَنڌَڙا.[ سُر معذوري - ڪتا ۽ ڪوھ ]
- کاھوڙِيَنِ کَڻِي، ساجُهرِ ٻَڌا سَندِرا، ڏورِيندي ۾ ڏُونگَرين، ڪِئائُون پاڻُ پَڻِي، ڏُکَنِ ڏِيلُ ھَڻِي، ڇيھُ لَڌائُون ڇَپَرين.[ سُر کاھوڙي - ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر ]
- کِيمو کاڌِيمِ کيتَ سين، مانِيءَ ماڳِ مِسِي، بازَرِ تُنھِنجِي بَنگُلا، ڏَهڪِئُمِ ڏِيلُ ڏِسِي، ڦاٽِي هِنيُون ڦارِيُون ٿِئو، تَنھِن ڦوڙائي کان…[ سُر مارئي - جيھا جي تيھا ]
- پانڌِي پِرِينءَ پَنوهارَ سين، روئِي ڪِجِ رِهاڻِ، جِيئَن ٿَرِ وِڄُون اُٺِيُون، آئُون تِيئَن سُورَنِ ساڻِ، ڪِجاھُ ڪا وَراڻِ، ڏُکَنِ ڏِيلُ…[ سُر مارئي - مَ رو، پانڌي پرين پنھوار ]