ڏُھاڳَ بابت
معنيٰ
بد بختي، نڀاڳائي، ڪم نصيبي، اڀاڳ، زحمت. وڇوڙو، جدائي، فراق، ڦوڙائو، ڏکُ، مصيبت، تڪليف. مڙس جو وڇوڙو. ڪنھن زال کي طلاق ملڻ واري حالت يا مڙس جي مري وڃڻ جي حالت، رنوڙ پڻي، رَناپو، رنپڻ، طلاقَ.
Misfortune, bad luck, divorce, state of a woman whom husband died or left her forever.
بيتن ۽ وائين ۾
- مَڻيي مَٿي موھِجِي، مُوڙِھِي ڪِئوءِ مَرَڪُ، چَئِي چَنيسَرَ ڄامَ سين، وِڌو تو فَرَقُ، وَرِي وِئو وَرَقُ، تي آيُئِي ڏَنءُ ڏُھاڳَ…[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- مَڻِيي مَٿي موھِجِي، ھارِي ڳِيَڙُءِ ھارُ، ڪوڙيِين ڪِئا ڪيتِرا، اِنَهِيءَ کَرَ خُوارُ، ڀِرِي وِئو ڀَتارُ، تي آيُئِي ڏَنءُ ڏُھاڳَ جو.[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- مَڻيي مَٿي موھِجِي، ھارِي پاتُئِي ھَسُ، تو ڀانيان مُون سان ھُوندا راڳَ رِھاڻِيُون رَسَ، وَرِي وييَئِي وَسَ، تي آيُئِي ڏَنءُ…[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- مَڻِيي مَٿي موھِجِي، چَرِئو چِتُ ٿِئوءِ، ھارِي ڪِنِيءَ ھوڏَ کان، ڪَڄاڙو سَرِئوءِ، اَڳَهِين اَنگُ وِنگوءِ، تي آيُئِي ڏَنءُ ڏُھاڳَ جو.[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- ڏِسِي ڏَنءُ ڏُھاڳَ جو، ڍولِئا آئُون ڍائِي، ڪانڌَ نَہ ڪوٺِيُئِي ڪَڏِھِين، ٻَرٻَر ٻاجهائِي، پائي پاندُ ڳِچِيءَ ۾، آئُون اَڱَڻِ تو…[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- ڏُٻَرِيُون ڏُھاڳَڻِيُون، ميرا مُنھَن سَندانِ، ويھِي وَرَ سيڻانِ، ڪانڌَ نَہ اورِئو ڪَڏِھِين،[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- سُھاڳان ڏُھاڳَڻِيُون، ڪِھَڙي ڏوھِ ٿِيَنِ، وَرُ وِڏُوھي اِيَهِين، جِيئَن پاڻُ پَسَنِ.[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- لِيلان جِمَ لَکائِيين، چَئِي چَنيسَرَ ساڻُ، وَرَ سين وِڙِھِئو اُٿِيين، مُوڙِھِي مُٺِئي پاڻُ، ڀورِي ڪِيُئِي ڀاڻُ، آيُئِي ڏَنءُ ڏُھاڳَ جو.[ سُر ليلا - ھاڻي ويٺي رو ]
- وَڏيرِي ھُياسِ، ميڙو مُون گهَرِ سَرَتِيين، ھَٿَ ڇُهَڻَ ھارَ جي، ڪَڙِي ڪانَڌَ ٿِئاسِ، جَڏھِن ڍولي ڍيلِئاسِ، آيُمِ ڏَنءُ ڏُھاڳَ جو.[ سُر ليلا - ھاڻي ويٺي رو ]
- وَڏيرِي ھُياسِ، چَنيسَرَ جي راڄَ ۾، دُھِلَنِ دَمامَنِ نُقِرين، پَرِ ۾ پُڇياسِ، جيلاھَ ڍولي ڍيلِياسِ، تي ٿِيَسِ ڏُھاڳَڻِ ڏيھَ ۾.[ سُر ليلا - ھاڻي ويٺي رو ]
- آيَمِ مَنجِهہ ڏُھاڳَ، سَندا جوڀَنَ ڏِينھَڙا، مَڻِيي سَندي مامِري، لَکين ڀَڳا لاڳَ، آئُون سِڪان کي سُھاڳَ، پِرِين پَرچَڻِ جِي نَہ…[ سُر ليلا - ڏيئي جي ڏھاڳ ]
- ڀينَرُ ڀيرِئو داسَڙو، چَنيسَرُ چئَي، ھِيءُ جو ڏَنڀُ ڏُھاڳَ جو، سَگهان ڪو نَہ سَھِي، مُون کان تان پَئِي، تُون کَمين…[ سُر ليلا - ڏيئي جي ڏھاڳ ]