ڏانَ بابت
معنيٰ
دانَ، خيرات، بيکَ. انعام، بخشش، سوغات، ڏاتِ، سُوکِڙيون، ڏالِيون.
Giving, presenting, offering, gift, alms, charity, donation, grant.
بيتن ۽ وائين ۾
- ريءَ مَصلِحَتَ مَڱڻا، ھِتِ قَصرِ ڪِينَ اَچَنِ، نُورَ تَجَلِي نُورَ سين، نَمِئو نيڻَ پَسَنِ، خيمي ۾ کَنگهارَ جي، چانڊُوڻا چَمڪَنِ،…[ سُر سورٺ - سائل در آئيو ]
- ڪوڙيِين ڪِيرَتِئا ھُئا، ڀَتو ڀَتِين ڀانَ، جَنِ ٿي ڳَڙَھان ٻاھَرِ ڳايو، ظاھِرُ ساڻُ زِبانَ، ھِيءُ مَنجِهہ پيٺو مَڱِڻو، اَپَرِ سين…[ سُر سورٺ - ڏنو سر ڏياچ ]
- راجا راتِ راضِي ٿِئو، تَنھِن ڏِنا وَڏا ڏانَ، تَڏِھِين موٽِي ڪارِئا مَڱڻي، طَرَحَ تُنبي کي تانَ، تَہ ڪارَڻِ رَبَ رَحمانَ،…[ سُر سورٺ - ماتام ۽ موڪلاڻي ]
- مَٿو ۾ کِيڪارَ، يارَ ڏانَ ڏِيندو سانءِ ٻِئا مَڱڻا، مَٿو مُورِ نَہ پاڙِيان، تُنھِنجِيءَ تَندُ تَنوارَ، سِرَ ۾ سَڃَڻُ ناھِ…[ سُر سورٺ - وايون ]
- مُون وَٽِ مِيرُ مَينڌَرو، اَدِيُون اَڄُ اِيندو، سوڍو اَچِي سُھاڳَ جا، ڏانَ وَڏا ڏِيندو، بَدِيُون بَخشِيندو، ڪامِلُ ڌَڻِي ڪاڪِ جو.[ سُر راڻو - موٽ ۽ پرچ راڻا ]
- چوٽاڻِي چوٽَ وَھي، سُڪا سانگَ ڀَري، ڪوڏَئُون ڏانَ ڏَڏَنِ کي، سَٻَڙُ سَھجِي ڏي، اِنَ راھَ مَٿي رُونجهي، ماڻِڪَ اُڇِلئا مِينھَن…[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- وَڏَڙا ڏانَ ڏِنائِين، کَنيائِين رَختُ ريزالَنِ جو، ڏاتِيُوم ڏي ڏَڏَنِ کي، سونُ سَراھِيُون سائِين، اَنڌا مَنڊا آئِيا، سَخا سَڏُ وِڌائِين،…[ سُر جاجڪاڻي - وايون ]