ڇَڏِيُون بابت
معنيٰ
ترڪ ڪيون، ڦٽي ڪيون. تياڳيون. رِها ڪيون. معاف ڪيون. (ڇڏڻ جو ماضي زمان)
Left, quit, got rid off.
بيتن ۽ وائين ۾
- ھَڻَندي ٿَڪَمِ ھَٿَ، ھِينئَڙي حُجُون ڇَڏِيُون، لَڪُ لَهرِنِ گَڏِئو، مَوجُون وَرِيُون مَٿَ، نِيَمِ ڪُنَ قُوَتَ، ڀِرُ ڀَليرا سُپِرِين.[ سُر سھڻي - ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار ]
- ھِينئَڙي حُجُون ڇَڏِيُون، قُوَتَ رَھِيَم ڪانَہ، مُون تي موٽِجِ مُون پِرِين، ساھَڙَ ڄامَ سُڄاڻُ، آھِيان گهَڻو اَڄاڻُ، ڀِرُ ڀَليرا سُپِرِين.[ سُر سھڻي - ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار ]
- آئُون نَہ گَڏِي پِرِينءَ کي، ڪارِي ٿِي قِيامَ، ھَٿَنِ حاجُون ڇَڏِيُون، نيڻين نِنڊَ حَرامُ، مارِيسِ تَنھِين مامَ، ھوتَ ھَلَندي جا…[ سُر معذوري - نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ ]
- ڪاڪِ نَہ جَهلِئا ڪاپَڙِي، موھِئا نَہ مَحلَنِ، ٻانِهيُنِ ۽ ٻائِنِ جي، ٻَنڌَڻِ ڪِينَ ٻَجهَنِ، لَکين لاھُوتِيَنِ، اِھَڙِيُون اوري ڇَڏِيُون.[ سُر راڻو - چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ ]
- سوڍا صَبُرُ تُنھِنجو، مُومَلَ مَتِ ٿِئو، تو جو ڪالَهہ ڪِئو، تَنھِن مَدِيُون ميٽي ڇَڏِيُون.[ سُر راڻو - سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي ]
- جهنگَلِ ھَلِئا سي نَہ ڀُلِئا، راھَ ھَلِئا ڦُرجَنِ، اَوَجَهڙِ سي نَہ پَوَنِ، ٻيئِي جَنِي ڇَڏِيُون.[ سُر کاھوڙي - سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار ]
- ڪَنَ ڪَٽَ ڪاپَٽَ ڪاپَڙِي، جَنِ ڄاڻِي ڇَڏِيُون ڄَٽُون، ويٺا ڪَنِ وَٽُون، ھَلو تَڪِيا پَسُون تَنِ جا.[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]
- ڪَنَ ڪَٽَ ڪاپَٽَ ڪاپَڙِي، جَنِ ڇَڏِيُون ڄاڻِي ڄٽائُون، خُودِي کانيائُون، ھَلو تَڪِيا پَسُون تَنِ جا.[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]
- ڪيرَ ڪَرِيندِي رِيسَ، آيَلِ سَنگهارَنِ سين، جَنِي جِيءَ خَمِيسَ، واڙِيُون واري ڇَڏِيُون.[ سُر ڏھر - ڪاڇو ۽ سنگهار ]
- وَقتُ وِڃائي ويھُ، قَضا جِي ڪا مَ ڪَرِ، ھِيءُ تَنِي جو ڏيھُ، ٻَئِي جَنِي ڇَڏِيُون.[ سُر آسا - آئون، تُون، روزا نمازُون ]