ڇَٽُ بابت
معنيٰ
تاجُ، ڪَلنگي.
A crown. King's turban.
بيتن ۽ وائين ۾
- بَرَ مِڙَئِي بُوءِ، ڇَپَرَ ڇَٽُون مُڪِيُون، اَچِي آرِيءَ ڄامَ جو، لَڙِيو ساٿُ صُبوحِ، ٻَھَ ٻَھَ ٿِي ڀَنڀورَ ۾، ھَنڌَ مِڙيئِي…[ سُر ديسي - ڪيچان آيو قافلو ]
- بَرَ مِڙَئِي باسَ، ڇَپَرَ ڇَٽُون مُڪِيُون، اَدِيُون آرِيچَنِ جي، وَڻَنِ مُڪا واسَ، آيَلِ پُنِي آسَ، پُنهون آيو ڪيچَ مان.[ سُر ديسي - ڪيچان آيو قافلو ]
- شادِيءَ جو سِينگارُ، آيَلِ آيَلِ مَرَڪُ مُنھِنجو مُون پِرِين، آھي ڳَھُ ڳِچِيءَ ۾، ڏي ھالُورا ھارُ، آھي اُگهاڙَنِ کي، جانِبَ…[ سُر حسيني - وايون ]
- ڏُونگَرَ ڏُکارو، ڏِٺُمِ ري ڏوٿِيين، پَھَڻَنِ رُنُو پاڻَ ۾،سَڄو ڏِينھُن سارو، ڳُجهو تَنِ ڳارو، ڇَپَرَ ھُو ڇَٽُ ھُئا.[ سُر کاھوڙي - ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر ]
- سَما تو سِرِ ڇَٽُ، نَہ تَہ پاڳارا پُرسَ ٻِئا، ڳَھڙَ تُنھِنجي ڳَنڃَڙي، اَچي جالَ جَڳَٽُ، جَنِ جيھوئِي پَٽُ، تَنِ تيھائِي…[ سُر بلاول - جکرو جوان ]
- پَسِئو پَسائي، نُورُ نَبِيءَ جو، ظاھِرُ ٿِئو زَمِينَ تي، ڏيھَنِ جو ڏِيو، خاوَندَ خاصُ خَلقِئو، ھِھَڙو ڪونَہ ٻِئو، ڍَرَندو ڇَٽُ…[ سُر بلاول - وايون ]