ڀائِي بابت
معنيٰ
ڀاءُ، او ادا، برادر، ڀائڙا.
Brother, bro.
بيتن ۽ وائين ۾
- راتِ سَھائِي ڀُون سَنئِين، ڀائِي گُهرِجي ڀَلُ، آھُرَ جِيُون ايلاچِيُون، چَندَنُ چَرئَو چَلُ، مُون توھِي سين ڳالِهڙِي، ٻِئي ڪَنھِين مَ…[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- جِئان وَھي تِئان واٽَ، ڪَپرو پُڇَنِ ڪُوڙِيُون، جَنِ کي سِڪَ ساھَڙَ جِي، سي گهيڙَ نَہ پُڇَنِ گهاٽَ، جَنِ کي عِشقَ…[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- ڏِٺو ڪالَهہ ڪَھِين، جُهونجارَڪو جَهڳڙو، ھاٿِينِ ھَڏَ مُڇائِيا، ريلو رَتَ نَئين، ڀائِينِ سا سَنئِين، جِئان جِيءَ جوکو ٿئي.[ سُر ڪيڏارو - ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر ]
- آيا اُجارِينِ، تَنگَ تَرارِيين تِئُرا، ساڻِڪِيُون سائُنِ ھَٿَ ۾، ڪُلَهِنِئُون نَہ لاھِينِ، اُڀائِي آھِينِ، مَهائِي مَڙَڻ تي.[ سُر ڪيڏارو - پرھ پکي آيو ]
- ڀائِي حالَ ھَلِي وِئا، ڪَنھِن کي سُورَ سَلانُ، کَڻِئو لَڄَ لَطِيفُ چئَي، لَڪَنِ ۾ لُڇان، پانڌِي ڪِيرِ پَڇان، وِھان تان…[ سُر معذوري - ھاڙھو پنڌ ]
- جَتَ نَہ ڀائِي رَتَ، ڌارِئان ڌارِئين ڏيھَ جا، مُنڌَ نَہ ھُئِي مائِٽي، جَنِي ساڻُ جِھَتَ، ڪيچِيَنِ مُون سين ڪِينَ ڪِئا،…[ سُر ديسي - جَت نہ مِٽَ ]
- جَتَ نَہ ڀائِي رَتَ، ڌارِيان ڌارِئِين ڏيھَ جا، وَٺِي وَرُ واٽَ ٿِئا، بِروھِي بُرفَتَ، اُنِ جا مَٿي واڳُنِ ھَٿَ، آئُون…[ سُر ديسي - جَت نہ مِٽَ ]
- مُنھِنجو مَنُ مُنجهايو، جَتَنِ جي جَمالَ، ڪو جو سُورُ سَرِيرَ ۾، ڪِئو ڪيچِيَنِ جي ڪَمالَ، ھوتَ نَہ ڀائِي حالَ، موٽِي…[ سُر ڪوھياري - پڇتاءَ ۽ انومان ]
- موٽِي ٿِئا مَعذُورِ جا، حالَ نَہ ڀائِي ھوتَ، لَڳَندي لَڪَنِ سين، پاڻان ٿِيَسِ پوتَ، مَٿي تائِين مَوتَ، سِڪَ ٻاروچي نَہ…[ سُر ڪوھياري - پڇتاءَ ۽ انومان ]
- آڻي لِکِئي لَنئُن لائِي، آئُون ڪا جوڙَ جَتَنِ جو، ٻَڙِي جيڏِيُون، آئُون ڪا ڪُڙُمُ ڪيچِيَنِ جو، ڪُھِي ڪَمِيڻِي ھَلِئا، ڪَھَلَ…[ سُر ڪوھياري - وايون ]
- ڪينُون ڀائِي آکان ٻولِڪي، گهايَل ڪِيتِيَ مَين سُولِ سَڄَڻدي، چَنڊُ چَڙِهئا ڪُلُ عالَمَ ويکِئا، رانجُهو لَڌَڙُمِ ڳولِڪي، مَين رانجَهنِدِي رانجَهنُ…[ سُر سورٺ - وايون ]
- تُون ڀائِي جوڳِي ٿِئو، لائي لِڱَ ڀَڀُوتَ، تو ساريڪا ڪاپَڙِي پيٺا ۾ لاھُوتَ، جي پِرت پِريان سين پُوتَ، تَنِ ويسَ…[ سُر رامڪلي - جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ ]
- عَيبَ نَہ اَچَڻُ ڏِينِ، مُون کي مُون پِرِيَنِ ڏي، اَڳِئان اَکِيُنِ سامُھان، اُڀائِي آھِين، اَوڳُڻَ پاسي ٿِيَنِ، تَہ ڍولا ڪَنھِن…[ سُر ليلا - ليلا ليلائيج ]
- مَدِيني جا ڄامَ، سُڻُ مُنھِنجا سَڏَڙا، نَنڍا وَڏا اُمَتِي، اوڀائِيين اَڀامَ، سَرَڻِ تُنھِنجِيءَ سامَ، پارِ لَنگهائِيين پَھِيَڙا.[ سُر ڏھر - اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو ]
- وَڳَرَ ۾ وائِي، ڪالَهہ، تُنھِنجِي ڪُونجَڙيِ، سَرَ ۾ سارِينَئِي گهَڻو، ڀينَرُ ۽ ڀائِي، پَسين نَہ ڦاھِي، جا مارِيءَ سَندي مَنَ…[ سُر ڏھر - وڳرين ڪُونجون ]
- جَي ڀائِين وَسَ چَران، تَہ سَنگهارَنِ سين لَڏِ، تَہ ھاڃي سَندِي ھَڏِ، ڪُوڪَ نَہ سُڻين ڪَڏِھِين.[ سُر ڏھر - ڪاڇو ۽ سنگهار ]