ٿورا بابت
معنيٰ
گهٽ. اڻ پورا. ناڪافي، ڪجهہ. ذرا.
Small, a little, few, short, seldom, a short time or distance
بيتن ۽ وائين ۾
- گهوڙَنِ ۽ گهوٽَنِ، جِيئَڻَ ٿورا ڏِينھَڙا، ڪَڏِھِين مَنجِهہ ڪوٽَنِ، ڪَڏِھِين واھِي رِڻَ جا.[ سُر ڪيڏارو - ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر ]
- مَرُ مَرين آئُون رُئين، موٽِي آءُ مَ ڪانڌَ، ڪَچَن وَڏا پاندَ، جِيئَڻَ ٿورا ڏِينھَڙا.[ سُر ڪيڏارو - ڪامل ڪربلا ۾ ]
- آئُون نَہ گَڏِي پِرِينءَ کي، ٿورا ڏِينھَن ٿِئا، راتِين روزَ وِئا، عَبَثُ آرِيءَ ڄامَ ري.[ سُر معذوري - نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ ]
- جوڳِي آھِينِ جُوءِ ۾، پَرَ نِھارِيندَڙُ ناھِ، جٖي مَھيسِي مَنَ ماھِ، سي ٿاڻي ٿورا ڪاپَڙِي.[ سُر پورب - سامي سنياسي ]
- مُون کي اَکَڙِيُنِ، وَڏا ٿورا لائِيا، کَڻان جَي کَرَ سامُهُون، تَہ پُڻ پِرِين پَسَنِ.[ سُر آسا - نيراني اکڙيون ]
- اَوَڳُڻِ رُسي سَڀَُڪو، ڳُڻين پِرِين رُٺامِ، ليکِئمِ جي لِسانَ سين، سي ڪَرَ ڪِينَ ڪِئامِ، پاڻُ وِڃائي پانھِنجا، ٿورا ٿُڪَ ھَنيامِ،…[ سُر آسا - من، گولو ۽ جنڊ ]
- ٿورا مَنجِهہ ٿَرَنِ، مُون سين مارُوءَ جٖي ڪِئا، عُمَرَ اُنِ ڳُڻَنِ، آئُون ڪِيئَن لوئِي لاھِيان.[ سُر مارئي - لوھ نير، مند مارُو ]
- ڇَڏِ سَٻَرايُون سُومَرا، عُمَرَ لَڳِ اللهَ، ٿِئَم نَہ ٿورا ڏِينھَڙا، ماڙِيين گَهارِئَمِ ماھَ، سِڪَ مُنھِنجي ساھَ، مارُوءَ جِي مَسَ لَھي.[ سُر مارئي - پائران پيھي آيا ]