پِيرَ بابت
معنيٰ
پھتلَ شخص. بزرگ. ولي الله. مرشد، هادي. درويش.
Saint.
بيتن ۽ وائين ۾
- ويٺِي پُوڄِي پِيرَ، سَسُئِي سَنگهَرَ پَٽِيين، اُسَ مَ لَڳي اُوٺِيين، ھاڙِھي لَڳي نَہ ھِيرَ، ڪارِيءَ راتِ قَندِيلَ ٻَرِيَمِ ٻاروچَن جا.[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]
- مِلَندي سِيئَن مَرَندي سِيئَن، مُون کي آھي، آيَلِ سُورُ سَندونِ، آئُون پِيادِي پَنڌُ گهَڻو، ڪيچِي وِئا ڪَرَھَلَ ڪاھي، عَشقُ آرِيءَ…[ سُر حسيني - وايون ]
- مُومَلَ ماري مِيرَ، آھيڙي کي آڪِري، تَنھِن سوڍِيءَ گَهڻا سَڪائِيا، پَرِھِيا پَنِتَ پِيرَ، ھَڻي تَنِ تِيرَ، مَڻِيو جَنِ مَٿَنِ ۾.[ سُر راڻو - خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر ]
- مُومَلَ صَحِي پَسَندا، پَڙِهئا پَنِتَ پِيرَ، راڻا ۽ حَمِيرَ، راڻا جٖي رَجپُوتَ، مُومَلَ صَحِي پَسَندا، مَڃي رَضا رَبَ جِي، ھِئان…[ سُر راڻو - وايون ]
- ھييَئُون حَرَفُ حِسابَ جو، پَسَڻُ ٿِيُنِ پَري، وَڃِي وَحدانِيَتَ ۾، ھَلَنِ پِيرَ ڀَري، ڳُجَهہ اَندَرَ جُون ڳالِهيُون، ڪَنھِن سين ڪِينَ…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- وِڳَندُ وَرِي آئِيو، وَسِيُنِ ڪِينَ وِندوسِ، گَندِي مانِي ماڳُ موچارو، پاسي پِيرَ ٿِئوسِ.[ سُر بلاول - وڳند ]
- چُرَنِ چُڻِڪَن چِتَ ۾، سَدا مَنجِهہ سَرِيرَ، لَڏي ڪَنھِن لوءِ وِئا، مارُو مَنجِهہ مَلِيرَ، ويٺِي پُوڄِئان پِيرَ، مانَ مِلَنِمِ ڪِڏِهِين.[ سُر مارئي - چرن چڻڪن چت ۾ ]
- مارُئِي ناھِ مَلِيرَ ۾، نَہ ڪا وَٽِ حَمِيرَ، پُنهون ڪونِهي ڪيچَ ۾، نَڪِي سِنڌُ اَمِيرَ، مُومَلَ ناھِ ماڙِيين، گَنجي ناھِ…[ سُر مارئي - جھ سي لوڙائو ٿئا ]
- ڪِي اَسان ڪِ مارُئين، ڪِي اَباڻَنِ چَئِجاهُ، هَرَ هَرَ هَلائُون ٿو ڪِري، عُمَرُ اَسان تان، پائرَ جي پِيرَنِ کي، اَئِين…[ سُر مارئي - جھ سي لوڙائو ٿئا ]