پَٽِيُون بابت
معنيٰ
ڪپڙي جون ريڙون، لِيڙون. زخم کي ٻَڌڻ لاءِ ڪپڙي جا ڊگها ۽ ٿورا ويڪرا ٽُڪر. پَني، فَتيلَ. ڦرها، تختا. پانڪَ جنھن تي زريءَ جو ڪم هجي. زريءَ جون ڏوريون. ڪارائيءَ ۾ ڪم آيل لوھ جا ڦَر .
Bandage, bandaging after dressing

بيتن ۽ وائين ۾
- ڪانارِئا ڪُڻِڪَن، جَنِي لوھُ لِڱَنِ ۾، مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، پِئا لالَ لُڇَنِ، پاڻِهين ٻَڌنِ پَٽِيُون، پاڻِهين چِڪِئا ڪَنِ، وَٽان…[ سُر يمن ڪلياڻ - حبيب ۽ طبيب ]
- رَھِي اَچِجي راتِڙِي، تَنِ واڍوڙِيَنِ وَٽاءَ، جَنِ کي سُورُ سَرِيرَ ۾، گَهٽَ مَنجهان را گهاءَ، لِڪائَي لَوڪاءَ، پاڻِهين ٻَڌنِ پَٽِيُون.[ سُر يمن ڪلياڻ - حبيب ۽ طبيب ]
- پاڻِهين ٻَڌنِ پَٽِيُون، پاڻِهين ڌَڪَ ڌُئَن، ويڄَنِ وِرِچِي ڇَڏِئا، اَڄُ ڪِي ڪالَهہ مَرَنِ، ڪَنھِن کي ڪِينَ چَوَنِ، تَہ دَردُ اَسان…[ سُر يمن ڪلياڻ - حبيب ۽ طبيب ]
- واڍوڙِڪِيءَ مَنَھِينءَ، اَڄُ پُڻ ڪَنجهو ڪَنجَهہ، جَي پُڻ پَييَنِ سَنجَهہ، تَہ ھُو پِنِيُون ھُو پَٽِيُون.[ سُر يمن ڪلياڻ - حبيب ۽ طبيب ]
- وَڍي جَنِ وِڌِياسِ، وَرِي ويڄَ ئِي سي ٿِئا، تُرتُ ٻَڌائُون پَٽِيُون، روزُ ڪِئائُون راسِ، ھِينئَڙا تَنِي پاسِ، گهارِ تَہ گهايَلُ…[ سُر يمن ڪلياڻ - ويڄ ۽ دارُون ]
- مَيا مَڃُ مِنَٿَ، اَڄُ مُنھِنجِي ڪَرَھا، جهاڳِيندي جَرَ پَٽِيُون، مَتان ڪَرِيين ڪَٿَ، سُپيرِيان جي سَٿَ، مُون کي نيئِي ميڙِيين.[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- ھِڪُ پاھَڻُ، ٻِيُون پَٽِيُون، ٽِئا جَبَلَ اُتِ جاڏا، اَڳِئان اَڻَ سُونھِن کي، تَنگَ پُڇَنِ تاڏا، جي مُٺِيءَ مُنھَن آڏا، سي…[ سُر ديسي - آڏ تراڇا جبل ]
- ڏُونگَرِ ڏِيِئَٽِيُون، صُبُوحِ ٻَرِيُون سُڃَ ۾، وَسائي وَرِي آيا، سَندِيُون پَٻَ پَٽِيُون، جي گُهَمنِ حَقَ گَهٽِيُون، تَنِ ڏسِڻُ ٿِئو ڏوٿِيين.[ سُر کاھوڙي - گنجي ٽڪر، پکيان پير ]