ٻيڙِيُون بابت
معنيٰ
مَڪڙيون، ڪشتيون، نيھَ، وڏا بتيلا. سفينا.
Ships, large boats, sea ships.
بيتن ۽ وائين ۾
- سِڙَه سَنوان لاڄُو نَوان، مَٿِنِ مُھاڻا مِيرَ، ساٿِي سَفَرِ ھَلِئا، ٿِئا سَڻاوا سِيرَ، جٖي اَچَنِ ساڻُ اُڪِيرَ، سي ٻيڙِيُون رَکِين…[ سُر سريراڳ - تياري ۽ ساٺ ]
- سِڙَه سَنوان لاڄُو نَوان، مَٿِنِ مُھاڻا مَلَ، جٖي اَچَنِ آبَ اُڇَلَ، سي ٻيڙِيُون رَکِين ٻاجَهہ ۾.[ سُر سريراڳ - تياري ۽ ساٺ ]
- سارِي راتِ سُڄاڻَ، سودو ڪَنِ صاحِبَ سين، ڀَري ٻانَهپَ ٻيڙِيُون، ھَلِئا جوپَ جُوانَ، پاڻِي پَھلوانَ، لَحظي ۾ لَنگهي وِئا.[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- ڪَرَ ڦُلَ ڦوٽا پارِچا، پاڻِيَٺَ پاتائُون، ڪوٺِيُون قيمَتَ سَندِيُون، تَرَ ۾ تاڪِيائُون، لاڄُن ۾ لَطِيفُ چئَي، ٻيڙا ٻَڌائُون، نَذُرُ نَبِيءَ…[ سُر سريراڳ - اجگر لھرون ۽ جھاز ]
- آئِي اُتَرَ مُندَ، ھِينئين اُڊَڪو نَہ لَھي وَٽِينِ لاڄُو بَندَ، ٻِيهَرَ مَکِين ٻيڙِيُون.[ سُر سامونڊي - سيءَ ۽ جهيڙا ]
- مَ ڪِي رو مَ رَڙُ ڪِي، مَ ڪِي هَنجُون هارِ، تو تان بَندُ بِدا ٿِئو، ٻيڙِيُونۡ نيئِي ٻارِ، پَھچَندِيئَن پَنوَهارِ،…[ سُر مارئي - مَ رو، پانڌي پرين پنھوار ]