ٻيڙِيُون جي سنڌي معنيٰ
مَڪڙيون، ڪشتيون، نيھَ، وڏا بتيلا. سفينا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Ships, large boats, sea ships.
ٻيڙِيُون جا بيتن ۾ حوالا
سِڙَه سَنوان لاڄُو نَوان، مَٿِنِ مُھاڻا مِيرَ،
ساٿِي سَفَرِ ھَلِئا، ٿِئا سَڻاوا سِيرَ،
جٖي اَچَنِ ساڻُ اُڪِيرَ، سي ٻيڙِيُون رَکِين ٻاجَهہ ۾.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 13 ]
ساٿِي سَفَرِ ھَلِئا، ٿِئا سَڻاوا سِيرَ،
جٖي اَچَنِ ساڻُ اُڪِيرَ، سي ٻيڙِيُون رَکِين ٻاجَهہ ۾.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 13 ]
سِڙَه سَنوان لاڄُو نَوان، مَٿِنِ مُھاڻا مَلَ،
جٖي اَچَنِ آبَ اُڇَلَ، سي ٻيڙِيُون رَکِين ٻاجَهہ ۾.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 14 ]
جٖي اَچَنِ آبَ اُڇَلَ، سي ٻيڙِيُون رَکِين ٻاجَهہ ۾.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 14 ]
سارِي راتِ سُڄاڻَ، سودو ڪَنِ صاحِبَ سين،
ڀَري ٻانَهپَ ٻيڙِيُون، ھَلِئا جوپَ جُوانَ،
پاڻِي پَھلوانَ، لَحظي ۾ لَنگهي وِئا.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 3 ]
ڀَري ٻانَهپَ ٻيڙِيُون، ھَلِئا جوپَ جُوانَ،
پاڻِي پَھلوانَ، لَحظي ۾ لَنگهي وِئا.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 3 ]
آئِي اُتَرَ مُندَ، ھِينئين اُڊَڪو نَہ لَھي
وَٽِينِ لاڄُو بَندَ، ٻِيهَرَ مَکِين ٻيڙِيُون.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 3 ]
وَٽِينِ لاڄُو بَندَ، ٻِيهَرَ مَکِين ٻيڙِيُون.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 3 ]
ڪَرَ ڦُلَ ڦوٽا پارِچا، پاڻِيَٺَ پاتائُون،
ڪوٺِيُون قِيمَتَ سَندِيُون، تَرَ ۾ تاڪِيائُون،
لاڄُن ۾ لَطِيفُ چئَي، ٻيڙا ٻَڌائُون،
نَذُرُ نَبِيءَ ڄامَ جو، چَڙَھندي چَيائُون،
جي ڇُوھي ڇوڙِيائُون، سي ٻيڙِيُون رَکين ٻاجَهہ سين.
[ سُر سريراڳ، اجگر لھرون ۽ جھاز، 11 ]