ٻولَ بابت
معنيٰ
سخن، گفتگو، قول، عھد. اَلَستَ جو پيمان.
A promise, engagement, contract.
بيتن ۽ وائين ۾
- ھُنَ تاري کي سامُھان، ھُنَ تاري جي لامَ، سَڄَڻَ مُون کي موڪِلِئا، سُهڻي کاڄِ سَلامَ، ھوتَ مَ ڀَڃِجِ ھامَ، ٻَڌِيَئِي…[ سُر کنڀات - نيڻ ۽ تارا ]
- سِھَ سِيارو پاڻِي پارو، جِتِ جُهڙُ جَهڪَ ۽ جهولَ، مَنَ اَندَرِ ميھارَ جا، ھِينئَڙي اَچَنِ ھولَ، جيلان ٻَڌِيَسِ ٻولَ، تي…[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- ويھُ مَ مُنڌَ ماٺِ ڪَري، اُٿي وِجُهہ وَڙولَ، سُتِيُنِ تان سَيِّدُ چئَي، ھَمَ غَمَ اَچَنِ ھولَ، ٻَھُون پاري ٻولَ، ڪامِلُ…[ سُر آبڙي - ويھُ مَ مُنڌ ]
- تو سين ٻولَ ٻَھُون، سَھِسين ساڄَنُ جي ڪَري، ڪَندِينءَ توءِ ڪَھُون، جَي نالو ڳِيَڙءِ نِينھَن جو.[ سُر آبڙي - سُک، ڏُک ۽ ارادا ]
- سُڻِي ٻولَ سَندانِ، جِمَ سُمهين سَسُئِي، ڪَندِينءَ ڪوھُ ڪيڻانِ، جُھ سي اُنِ اورانگهِئا.[ سُر آبڙي - سُک، ڏُک ۽ ارادا ]
- اَئِين جٖي وَرَنِ وارِيُون، سَرَتِيُون سَڌَڙِيُون، آرِياڻِيءَ پُنهونءَ جي، ٻولَ نَہ ٻَڌَڙِيُون، جٖي لِکِئي لَڌَڙِيُون، ڏُونگَرَ سي ڏورِيندِيُون.[ سُر آبڙي - سُک، ڏُک ۽ ارادا ]
- آءُ مَٿاھُون مَڱڻا، چَڙِهي ۾ چَوڏولَ، توکي گهوٽَ گُهرايو، راجا مَنجِهہ رَتولَ، ٻِيجَلَ تو سين ٻولَ، وِھاڻِيءَ وَڍَڻَ جِي.[ سُر سورٺ - سائل در آئيو ]
- ڍَٽِ مَ وَڃِجِ ڍولَ، ڪاڻِيارِي ڪاڪِ ڪَري، آئُون اَڳھَيِن آھِيان، ٻَڌِي تُنھِنجي ٻولَ، توکي سارِئو سُپِرِين، رُئان مَنجِهہ رَتولَ، ٽِڪاڻا…[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]
- ڏِسَڻُ گهَڻو ڏُھلا، ويراڳِيَنِ وَرَنَ، ٻولَڻُ ٻوڙَنِ سين پِئو، سَندا فانِيَنِ فَنَ، ڪي گهُرِجَنَ ڪَنَ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- پَھَ ۾ پَنڌِرَھين ڏِينھَن، ٿا سامِي ڪَنِ صَدا، ڪَري آيا ڪاپَڙِي، مَنجهان گامَ گَدا، ڪَنھِن جَنھِن ٻولَ ٻَڌا، لِڪا ڀُوڻَنِ…[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]
- کَڻُ بورائو بازَ کي، ڳِجَهہ جِي ڪِجِ مَ ڳولَ، ڊوڙَ جَنھِين ڍُونڍَ ڏي، رِڻَ ۾ وَتي رولَ، جو ٻَھُون پاري…[ سُر ڪيڏارو - داستان پھريون ]
- ھَٿين ھَٿَ ڪَڙولَ، ھِينئَڙي پِئَمِ اُنِ سين، سانگِي سارِئَمِ سُومَرا، ڍاٽِي پاسي ڍولَ، ٻاٻاڻَنِ سين ٻولَ، ڪِئَمِ نَہ ڪوٽَ وِھَڻَ…[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]