ويچارَنِ بابت
معنيٰ
(جن کي ڪو چارو نہ ھجي) بيھوش، بي حيلا، بي وسيلا، بي واها، بيڪس، نڌڻڪا، بي پھچ، بيچارا آوس، لاچار، عاجز، نِڌرا، آٻالا، اَڌين. ڪمبخت، نڀاڳا، بدبخت، ڪرم هيڻ، نامراد، نِدورا، اَدورا، ڪم نصيب، غريب، مسڪين، محتاج. اَهلير.
Helpless, unfortunate, forlorn.
بيتن ۽ وائين ۾
- پَتَنگَنِ پَھُ ڪِئو، مِڙِئا مَٿي مَچَ، پَسِي لَھَسَ نَہ لِچِئا، سَڙِئا مَٿي سَچَ، سَندا ڳِچِنِ ڳَچَ، ويچارَنِ وِڃائِيا.[ سُر يمن ڪلياڻ - پتنگ ۽ باھ ]
- لُڊُوڻِئان لوڌِي ٿِئا، وَتَنِ مَنجِهہ وِصالَ، اَڄُ اَرَتو اَکِيين، ڪاڪِ پيتائُون ڪالَهہ، ويئِي ويچارَنِ وِسَرِي، صُباحَ جِي سَنڀالَ، پَرِيءَ کان…[ سُر راڻو - چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ ]
- سَڀَنِي سَمُنَ ڪاڪِ جِي، راڻَنِ حَمِيرَنِ، ھُئان موٽِئو ڪو نَہ ڪو، ھِئان لَکَ وَڃَنِ، وِيندي ويچارَنِ، عُذُرُ اوڏاھِين نَہ ڪِئو.[ سُر راڻو - ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ ]
- جوڳِيَنِ جا جَڙَ لائِي، سامِيَنِ سان سَدا دِلِ سوگهِي، پُرِئا پُورَڀَ پارَ ڏي، اَدِي بيراڳِي آئِي، سامِي سَفَرِ ھَلِئا، مَڙِهيُون…[ سُر پورب - وايون ]
- ڍَڪَ ڍَڪِيندو مُون نَہ ڇَڏِيندو، شفيعُ شافِعُ سُپِرِين، اَنڌا اُونڌا آکُڙِئا، سَڀَ نِباھي نِيندو، وَٽان ويچارَنِ جي، داڙُو پاڻَ دَڙِيندو،…[ سُر بلاول - وايون ]
- جَا عُمَرَ تو مُلِ عِيدَ، سا اَسان سُوءَ وَرَتِي سُومَرا، ويئِي ويچارَنِ وِسَرِي، خُوشِي ۽ خَرِيدَ، سِڪَڻَ ڪِئا شَھِيدَ، مارُو…[ سُر مارئي - سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ ]
- گَندَ جَنِي جي گوڏِ ۾، ڪَڍَنِ ڪالوڙا، لوڙِيُون کِينِ لَطِيفُ چئَي، آسَڻِ اَجوڙا، تَماچِيءَ توڙان، وَڻِي ويچارَنِ سين.[ سُر ڪاموڏ - سمي سامهون گندري ]
- پَکِي تَنھِن پُڄايا، جَنھِن ۾ ساھُ نَہ ماھُ، مَنجِهہ ڪَرنگهَرُ ڪاٺَ جو، مَٿي پَکَنۡ چاھُ، ويچارَنِ ويساھُ، مَٿي پَکَنۡ آيو.[ سُر ڪارايل - اڇو آب ]
- ھَنجَ سَدائِين ڏُٻِرا، پَکِي ٻِئا مَچَنِ، مارِيءَ سَندو مَنَ ۾، آھي وِرھُ ويچارَنِ، ڪَنبَنِ ۽ ڪَڍَنِ، پِٿون جي پاتارَ جا.[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]