ويلو بابت
معنيٰ
اوير، دير، وقت، مھل، وٿي.
Time, interval.
بيتن ۽ وائين ۾
- جاڳِي يارا جيڏِيُون پاڻُ پَرَنِجي، ھَلَندي حَبِيبَ ڏي، ويلو وِچِ نَہ ڪِجي، مَٿي اُھِسَ اُسِرِي، پَتَنگَ جِيئَن پَئِجيءَ، اَڳِئان اُونداھِيءَ…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- ڀانيُمِ نَہ ڀيلو، مُون کي ڌاءَ ڌُتارِئو، آکي مَٿي اُسِري، ڏِنو رُوحَ ريلو، تيلاھِين ويلو، پِيُمِ واھُڙَ وِچَ ۾.[ سُر سھڻي - ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار ]
- ڪُ ڀُونءِ مَنجِهہ ڪَسابَ، جي وَھَڻُ اَچِي ويلو ڪَري، اَچيسِ نَہ اوصافَ، رَتِي ريجَ نَہ سِنجِري.[ سُر سھڻي - جيئري، ساھڙ ڌاران ]
- ڀُونءِ تي ڀورو سِينءَ، جي وَھَڻُ اَچي ويلو ڪَري، سَنگَ پَچَندي سِينءَ، ڪانُو ڪايا نَہ ڇَڏي.[ سُر سھڻي - جيئري، ساھڙ ڌاران ]
- پانڌِي پِرِيَنِ جو، اِي آئُون مان نَڪو پَسان، ڀينَرُ ڀِريِ اُسَھو، ڏُونگَرُ ڏورَڻُ اَسان، مُندائِتي مِينھَن جِيئَن، ويلو ويلَ ٿِي…[ سُر سھڻي - وايون ]
- مِينڍو مِينھَن پُسايو، سَڙِي ٿِيو سيلو، پَکَي پيھِي آيو، رَحمَتَ جو ريلو، ساجَنُ سَويلو، ڀيڄَ ڀِنِيءَ گهَرِ آيو.[ سُر سارنگ - سيڪارا سارنگ ]
- وَڏا وَڻَ وَڻِڪارَ جا، جِتِ چَتُون ۽ چِيھا، مَنزَلَ دُورِ مَنُ تَنھا، ڪَنِ ٻولِيُون ٻاٻِيھا، ساٿِي سَنِيھا، ويلو ڪَنِ نَہ…[ سُر آبڙي - واقف وڻڪار، وڏا وڻ ]
- اُڏءُ لَڳِ اللهَ، ويلو ڪَرِ مَ وِچَ ۾، آئُون جَو ڏيِين سَنِيھَڙو، سو سانڍِ بَرابَرِ ساھَ، سَندِي ڳُجهاندَرَ ڳاھَ، ڪَھِجِ…[ سُر پورب - ڪانگ ]
- ڪوھُ نَہ جُھارِيين جَکِرو، جَو ويلو ڪَنھِن نَہ وِجهي، سَمُو تَنِ سَنَڃي، جٖي اَڻَ تِوڻِئا عالَمَ ۾.[ سُر بلاول - جکرو جوان ]