واھُڙَ بابت
معنيٰ
واھ، نديءَ مان نڪرندڙ واھي
A kind of water course or canal. A branch of the river running off and joining it again.
بيتن ۽ وائين ۾
- وَھَ تِکَ واھُڙَ تِکَ، جِتِ نِينھُن تِکَ نِرالِي، جَنِ کي عِشقُ عَمِيقَ جو، سي خِلوَتَ خِيالِي، وارِيين سي والِي، ھِينئَڙو…[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- واھُڙَ وَھَنِ نَواھَ، اَڃا وَھُ اَڳي ٿِئو، گهَرِ ويٺِيون گَهڻا ڪَرِيو، سَرَتِيُون سَڱَ سَنوان، صُورَتَ جَا ساھَڙَ جِي، سا جَي…[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- ٻِيُون سَڀَ گهِڙَنِ ڏِينھَن، ھِيءَ روئي ۽ راتِيان گِهڙي، وَھِ پَيو واھُڙَ تَري، ڪِي نِماڻِي نِينھَن، ميڙائي جا مِينھَن، ويچارِيءَ…[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- واھُڙَ ڀَرِيُون مَ پاءِ، تو پُڻ ليکو ڏِيَڻو، سَدا ساوَڻَ ڏِينھَڙا، ھِيئَن نَہ ھُونداءِ، وِھاڻِيءَ وِينداءِ، اوڀَرَ اُتاھان لَھِي.[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- واھُڙَ وَھِين مَ شالَ، ڦِٽِي ٻيلاٽِيُون ٿِيين، پَسان تُنھِنجي پيٽَ ۾، لاڻا لُوتَ لِيارَ، جِيئَن تو سَڀَ ڄَمارَ، آسائِتِيُون ٻوڙِيُون.[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- ڀانيُمِ نَہ ڀيلو، مُون کي ڌاءَ ڌُتارِئو، آکي مَٿي اُسِري، ڏِنو رُوحَ ريلو، تيلاھِين ويلو، پِيُمِ واھُڙَ وِچَ ۾.[ سُر سھڻي - ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار ]
- جان واھُڙَ ۾ وَھُ، تان تُون مَڇَ نَہ موٽِئو، ڪائي ۾ ڪوھُ ڪَرِيين، پوءِ موٽَڻَ جو پَهُہ، سِرَ مَٿي تون…[ سُر گهاتو - ڪو جو قھر ڪلاچ ۾ ]