مِٽِيءَ بابت
معنيٰ
زمين، ڌرتي، ڀُون، ارض، پِرٿوي، پِرٿڻي. خاڪِ، تُراب. ڌوڙ، دَز، ڌُڌڙ، ڊس، لَٽ، بُسڙ، ڇائي، گرد، غبار، واري، پَڻي، ڌَڄَ، کيھ، رئي. پٽڙي مِٽي، گارو، گِل، ڪھگل، گَپ چِڪ، چِڪڻ، راڦو.
Earth, clay, dust.
بيتن ۽ وائين ۾
- سارِي راتِ سُبحانُ، جاڳِي جَنِ يادِ ڪِئو، اُنِ جي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، مِٽِيءَ لَڌو مانُ، ڪوڙيِين ڪَنِ سَلامُ، آڳَھِ اَچِئو اُنِ…[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- سِسِيءَ ۾ سُرُ راڳُ، واءَ لَڳَندي وَڄِيو، مِٽِي گَڏِي مِٽِيءَ کي، ڏِنو رُوحَ جَوابُ، آدَمَ کي آوازُ، تِھان پوءِ پَيدا…[ سُر سريراڳ - املهہ وکر ]
- رامَڪَلِي دُکِئا ڪَھي، سُکِئا ڪَھي نَڪو، ڪو مِٽِيءَ ڪو مائِٽِيءَ، ڪو روچِيءَ کي روءِ، رامَڪَلِي سو ڪَھي، جَنھِن جي ڀاڳَ…[ سُر رامڪلي - آديسي ۽ مونا طور سينا ]
- جِئائِين جُڙِئو جَکِرو، تَنھِن مِٽِيءَ ڪونِهي مُلُهہ، اِھَڙو گوھَرُ گُلُ، پاڻَ ڌَڻِيءَ پَيدا ڪِئو.[ سُر بلاول - جکرو جوان ]
- مَڻِيو وِجِهي مِٽِيءَ ۾، ھائِيءَ وِجِهِج ھارُ، سُوڀِي سُکُ سَيِّدُ چئَي، ڪَرِيين ڪوھُ قَرارُ، راجا رِيساڻُون گهَڻو، سَٽاڻُون سَرِدارُ، چوڏِسِ…[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- اوڏِڻِ اوڏِي آءُ، توکي لاکي ڪوٺِئو، سَندو مِٽِيءَ مامِرو، لَٿو تو مَٿان، راڻِيُون گهَڻِيُون راڄَ ۾، توتي ريڌو راءُ.[ سُر ڏھر - وايون ]
- ڪِي جو ڪُنڀارَنِ، مِٽِيءَ پائي مَنِئو، تَنھِين مان تِرَ جيتَرِي، جي پَئي خَبَرَ کَرَنِ، ھِي تان ھُوندَ مَرَنِ، ھُنِ اَڱَڻِ…[ سُر رِپ - اندر، سٻر ۽ نھائين ]