مِٽِيءَ جي سنڌي معنيٰ
زمين، ڌرتي، ڀُون، ارض، پِرٿوي، پِرٿڻي. خاڪِ، تُراب. ڌوڙ، دَز، ڌُڌڙ، ڊس، لَٽ، بُسڙ، ڇائي، گرد، غبار، واري، پَڻي، ڌَڄَ، کيھ، رئي. پٽڙي مِٽي، گارو، گِل، ڪھگل، گَپ چِڪ، چِڪڻ، راڦو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Earth, clay, dust.
مِٽِيءَ جا بيتن ۾ حوالا
سارِي راتِ سُبحانُ، جاڳِي جَنِ يادِ ڪِئو،
اُنِ جي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، مِٽِيءَ لَڌو مانُ،
ڪوڙيِين ڪَنِ سَلامُ، آڳَھِ اَچِئو اُنِ جي.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 2 ]
اُنِ جي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، مِٽِيءَ لَڌو مانُ،
ڪوڙيِين ڪَنِ سَلامُ، آڳَھِ اَچِئو اُنِ جي.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 2 ]
سِسِيءَ ۾ سُرُ راڳُ، واءَ لَڳَندي وَڄِيو،
مِٽِي گَڏِي مِٽِيءَ کي، ڏِنو رُوحَ جَوابُ،
آدَمَ کي آوازُ، تِھان پوءِ پَيدا ٿِئو.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 20 ]
مِٽِي گَڏِي مِٽِيءَ کي، ڏِنو رُوحَ جَوابُ،
آدَمَ کي آوازُ، تِھان پوءِ پَيدا ٿِئو.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 20 ]
رامَڪَلِي دُکِئا ڪَھي، سُکِئا ڪَھي نَڪو،
ڪو مِٽِيءَ ڪو مائِٽِيءَ، ڪو روچِيءَ کي روءِ،
رامَڪَلِي سو ڪَھي، جَنھِن جي ڀاڳَ وِچِ بَڙا دُکُ ھوءِ.
[ سُر رامڪلي، آديسي ۽ مونا طور سينا، 23 ]
ڪو مِٽِيءَ ڪو مائِٽِيءَ، ڪو روچِيءَ کي روءِ،
رامَڪَلِي سو ڪَھي، جَنھِن جي ڀاڳَ وِچِ بَڙا دُکُ ھوءِ.
[ سُر رامڪلي، آديسي ۽ مونا طور سينا، 23 ]
جِئائِين جُڙِئو جَکِرو، تَنھِن مِٽِيءَ ڪونِهي مُلُهہ،
اِھَڙو گوھَرُ گُلُ، پاڻَ ڌَڻِيءَ پَيدا ڪِئو.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 7 ]
اِھَڙو گوھَرُ گُلُ، پاڻَ ڌَڻِيءَ پَيدا ڪِئو.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 7 ]
مَڻِيو وِجِهي مِٽِيءَ ۾، ھائِيءَ وِجِهِج ھارُ،
سُوڀِي سُکُ سَيِّدُ چئَي، ڪَرِيين ڪوھُ قَرارُ،
راجا رِيساڻُون گهَڻو، سَٽاڻُون سَرِدارُ،
چوڏِسِ چَنيسَرَ ڄامَ جو، ڏيھان ڏيھِ ڏَھڪارُ،
ٺاڪُرُ اَکِيُنِ ٺارُ، مَڻِيي تي ٿِي مَٽِيين.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 3 ]

ڪِي جو ڪُنڀارَنِ، مِٽِيءَ پائي مَنِئو،
تَنھِين مان تِرَ جيتَرِي، جي پَئي خَبَرَ کَرَنِ،
ھِي تان ھُوندَ مَرَنِ، ھُنِ اَڱَڻِ اوراتو ٿِئي.
[ سُر رِپ، اندر، سٻر ۽ نھائين، 14 ]
تَنھِين مان تِرَ جيتَرِي، جي پَئي خَبَرَ کَرَنِ،
ھِي تان ھُوندَ مَرَنِ، ھُنِ اَڱَڻِ اوراتو ٿِئي.
[ سُر رِپ، اندر، سٻر ۽ نھائين، 14 ]
اوڏِڻِ اوڏِي آءُ، توکي لاکي ڪوٺِئو،
سَندو مِٽِيءَ مامِرو، لَٿو تو مَٿان،
توتي ريڌو راءُ، نَہ تَہ راڻِيُون گهَڻِيُون راڄَ ۾.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 33 ]
سَندو مِٽِيءَ مامِرو، لَٿو تو مَٿان،
توتي ريڌو راءُ، نَہ تَہ راڻِيُون گهَڻِيُون راڄَ ۾.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 33 ]
English Meaning
Earth, clay, dust.