مَئي بابت
معنيٰ
مئو. شراب، دارون، مَدُ، مدرا، باده. نَشو، مستي، خُمار. هَٺُ، تڪبر.
Liquor, alcohol, strong drink.

بيتن ۽ وائين ۾
- جا جَرِ جاٽُون نَہ مَئي، ڏِيا نَہ موھي، سَڌُون ڪوھُ ڪَري، سا پَنھِنجي ڪانڌَ جُون.[ سُر سامونڊي - ڳرڻ ۽ چنتا ]
- ڪارا ڪُنَ ڪارِي تُڳي، ڪارِيھَرَ ڪَڙَڪا، مَئي مَتي مَھِراڻَ جا، دُپارا دَڙَڪا، ويندي ساھَڙَ سامُهُون، ڏِنَسِ جهولَ جَهڙَڪا، اَچِي پَئِي…[ سُر سھڻي - مينھون، چاھڪ، کرڪن ]
- گِهڙِئا سي چَڙِهئا، اِيھِين اَٿيئِي، مَئي مَتي مَھِراڻَ ۾، پَئُہ ٽَپو ڏيئِي، ميھارُ مِليئِي، سَنڀُوڙو سِيڻاھِ سين.[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- گِهڙِئا سي چَڙِهئا، اِينهين ڄاڻِجِ ڄاڻُ، مَئي مَتي مَھِراڻَ ۾، وِجُهہ پَلَٽي پاڻُ، تَہ ساھَڙُ سيڻاھِہ ساڻُ، ساڻِي ٿِييئِي سِيرَ…[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- ھُو جٖي ڪاڪِ ڪَڪورِئا ڪاپَڙِي، تَنِ لَھي نَہ لالِي، کَري کيپَ خُمارِئا، مَئي پِي مَوالِي، ڪَري حاصِلُ ھَلِئا، ڪيفِيَتَ ڪَمالِي،…[ سُر راڻو - چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ ]