مَئي جي سنڌي معنيٰ
مئو. شراب، دارون، مَدُ، مدرا، باده. نَشو، مستي، خُمار. هَٺُ، تڪبر.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Liquor, alcohol, strong drink.
مَئي جا بيتن ۾ حوالا
جا جَرِ جاٽُون نَہ مَئي، ڏِيا نَہ موھي،
سَڌُون ڪوھُ ڪَري، سا پَنھِنجي ڪانڌَ جُون.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 24 ]
سَڌُون ڪوھُ ڪَري، سا پَنھِنجي ڪانڌَ جُون.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 24 ]
ڪارا ڪُنَ ڪارِي تُڳي، ڪارِيھَرَ ڪَڙَڪا،
مَئي مَتي مَھِراڻَ جا، دُپارا دَڙَڪا،
ويندي ساھَڙَ سامُهُون، ڏِنَسِ جهولَ جَهڙَڪا،
اَچِي پَئِي اُتَھِين، جِتِ سِيرَ سَندا سَڙَڪا،
کَرَڪَنِ جا کَڙَڪا، سُونھان ٿِئَڙَسِ سِيرَ ۾.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 5 ]
مَئي مَتي مَھِراڻَ جا، دُپارا دَڙَڪا،
ويندي ساھَڙَ سامُهُون، ڏِنَسِ جهولَ جَهڙَڪا،
اَچِي پَئِي اُتَھِين، جِتِ سِيرَ سَندا سَڙَڪا،
کَرَڪَنِ جا کَڙَڪا، سُونھان ٿِئَڙَسِ سِيرَ ۾.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 5 ]
گِهڙِئا سي چَڙِهئا، اِيھِين اَٿيئِي،
مَئي مَتي مَھِراڻَ ۾، پَئُہ ٽَپو ڏيئِي،
ميھارُ مِليئِي، سَنڀُوڙو سِيڻاھِ سين.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 4 ]
مَئي مَتي مَھِراڻَ ۾، پَئُہ ٽَپو ڏيئِي،
ميھارُ مِليئِي، سَنڀُوڙو سِيڻاھِ سين.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 4 ]
گِهڙِئا سي چَڙِهئا، اِينهين ڄاڻِجِ ڄاڻُ،
مَئي مَتي مَھِراڻَ ۾، وِجُهہ پَلَٽي پاڻُ،
تَہ ساھَڙُ سيڻاھِہ ساڻُ، ساڻِي ٿِييئِي سِيرَ ۾.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 5 ]
مَئي مَتي مَھِراڻَ ۾، وِجُهہ پَلَٽي پاڻُ،
تَہ ساھَڙُ سيڻاھِہ ساڻُ، ساڻِي ٿِييئِي سِيرَ ۾.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 5 ]
ھُو جٖي ڪاڪِ ڪَڪورِئا ڪاپَڙِي، تَنِ لَھي نَہ لالِي،
کَري کيپَ خُمارِئا، مَئي پِي مَوالِي،
ڪَري حاصِلُ ھَلِئا، ڪيفِيَتَ ڪَمالِي،
وَتَنِ وِصالِي، لُڊُوڻِئان لوڌِي ٿِئا.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 4 ]
کَري کيپَ خُمارِئا، مَئي پِي مَوالِي،
ڪَري حاصِلُ ھَلِئا، ڪيفِيَتَ ڪَمالِي،
وَتَنِ وِصالِي، لُڊُوڻِئان لوڌِي ٿِئا.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 4 ]
English Meaning
Liquor, alcohol, strong drink.