ميندِي بابت
معنيٰ
ھڪ قسم جو ٻُوٽو، جنھن جا پن سڪائي، پِيھي، پاڻيءَ ۾ سپائي ھٿن پيرن کي لڳائبا آھن. حِنا.
The name of a plant from the leaves of which a red dye is prepared for staining the hands and feet. Henna. Lawsonia Inermis.

بيتن ۽ وائين ۾
- مَيا تو مَھارَ، سَڄِي پايان سونَ جِي، چارِيَئِين چَندَنَ چوٽِيُون، نائي ميندِيءَ ڏارَ، سَندِيءَ پِيَ پَچارَ، جي مُون راتِ رَساڻِيين.[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- اَچِي اولَڙِي ڪيرَ ڪيرَ، وَٽان پاڻِيءَ وارِيين، نالي سُڄي سُهڻِي، ذاتِ نِڄاڻان ڪيرَ، گَهڙي گهورَ نَہ جَهلِي، پَٽِ نَہ کُتِسَ…[ سُر سھڻي - وايون ]
- ميندِي لاوڻُ ڏي، جِيوين شاھَ ميندِي لاوَڻ ڏي، قاسِمَ شاھَ سيجَ وِڇاوَڻُ ڏي، ميندِي تَيڏِي رَنگُلِي، چوَٽا لالُ گُلابُ، ماءُ…[ سُر ڪيڏارو - وايون ]
- توڏَنِ تان نَہ تَنوارِئو، مُنھِنجو لالَڻُ وارِئو، اللهَ مِيان ڪارَڻِ اَئِين اوٺِيا، ميندِيءَ موڙَ مَلِيرَ جا، چانگَنِ کي سَڀَ چارِئو،…[ سُر معذوري - وايون ]
- اَدِيُون ڪا اِيندِي، ڇَپَرُ مُون سَڱُ ٿِئو، لائِيندِيَسِ لِڱَنِ کي، مَلِيران ميندِي، وِندُرَ آئُون ويندِي، آرِي ڄامُ اَجهو ڪَري.[ سُر ديسي - وديسي وَرُ ]
- جي سيڻانِي سَڱُ، تي ٿِي ڏُونگَرُ ڏورِيان، وِئو ٻاروچو نِڪِرِي، اَنگهُنِ چاڙِھي اَڱُ، اُٺَ مَ پَلاڻِئو اوٺِيا، تان ڪو دَمِئو…[ سُر ڪوھياري - وايون ]
- ويڙِهِيچَنِ کي ٿِي واجهايان، ڀَلا ڄامَ، مان نَڪو، ميڙائي جو مِينھُن وَسي، عُمَرَ اُنَهِيءَ ڏيھَ جو، پانڌي روزُ پُڇايان، مَٿي…[ سُر مارئي - وايون ]