ميندِي جي سنڌي معنيٰ
ھڪ قسم جو ٻُوٽو، جنھن جا پن سڪائي، پِيھي، پاڻيءَ ۾ سپائي ھٿن پيرن کي لڳائبا آھن. حِنا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
The name of a plant from the leaves of which a red dye is prepared for staining the hands and feet. Henna. Lawsonia Inermis.
ميندِي جا بيتن ۾ حوالا
ميندِي لاوڻُ ڏي، جِيوين شاھَ ميندِي لاوَڻ ڏي،
قاسِمَ شاھَ سيجَ وِڇاوَڻُ ڏي،
ميندِي تَيڏِي رَنگُلِي، چوَٽا لالُ گُلابُ،
ماءُ پِيءُ ڏِتَڙَئِي سِهرا، خَبَرَ نَہ ماڻِيندي نالِ.
[ سُر ڪيڏارو، وايون، 2 ]

اَدِيُون ڪا اِيندِي، ڇَپَرُ مُون سَڱُ ٿِئو،
لائِيندِيَسِ لِڱَنِ کي، مَلِيران ميندِي،
وِندُرَ آئُون ويندِي، آرِي ڄامُ اَجهو ڪَري.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 19 ]

ويڙِهِيچَنِ کي ٿِي واجهايان، ڀَلا ڄامَ،
مان نَڪو، ميڙائي جو مِينھُن وَسي،
عُمَرَ اُنَهِيءَ ڏيھَ جو، پانڌي روزُ پُڇايان،
مَٿي ڏِنِيَمِ مارُوئين، سا لوئِي ڪِيئَن لَڄايان،
ميندِي مارُوءَ ڄامَ جي، لالَ هَٿَنِ کي لايان،
ويٺِي عُمَرَڪوٽَ ۾، ڳُڻَ مارُنِ جا ڳايان.
[ سُر مارئي، وايون، 21 ]