مامِرو بابت
معنيٰ
معاملو، ڦڏو، فساد، تڪرار، جهيڙو، جهڳڙو. ڌنڌو، ڪَمُ، ڪِرتُ. مصيبت، آپدا، آفت.
Business, deal, transaction, matter, affair, incident, cause or suit.
بيتن ۽ وائين ۾
- سِڪَ وَڏو ئِي سُورُ، مَحَبتَ وَڏو مامِرو، اَٺَئِي پَھَرَ مَلُورُ، سَگهو ساعَتَ نَہ جِندَڙو.[ سُر يمن ڪلياڻ - سِڪ ۽ عاشقي ]
- وائِي واري وِنگُڙِي، ٻولِي ٻِي نَہ ڪَھَنِ، اللهَ ڪيچَ ڌَڻِيَنِ، مُون سين پَئي نَہ مامِرو.[ سُر ديسي - ٻروچڪي ٻولي ]
- پِييَمِ پَٺاڻَنِ سين ٻولِي جٖي نَہ ٻُجَهنِ، آئُون سِنڌِيائِي نَہ سَمجهان، اُوءِ پارِسِي پُڇَنِ، اللهَ ڪيچَ ڌَڻِيَنِ، مُون سين پَوي…[ سُر ديسي - ٻروچڪي ٻولي ]
- مُئي ھاٿِيءَ سين مامِرو، اَچِي پِئو اَنڌَنِ، مَناڙِينِ ھَٿَنِ سين، اَکِيين ڪِينَ پَسَنِ، في الَحقِيقَتهِ فِيلَ کي، سَڄا سُڃاڻَنَ، سَندِي…[ سُر کاھوڙي - سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار ]
- چَنيسَرَ جي چِتَ ۾، ڪِي جو اَڳُ ھو، مَڻيي سَندو مامِرو، تِھان پوءِ ٿِئو.[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- ھُيَسِ ھِندورَنِ ۾، سَرَھِي سَڄي راتِ، چانڪِ ھارُ کَٽندِيَسِ ھوڏَ ۾، ڏيھُ پُڻ لَھيندِيَسِ ڏاتِ، تَہ وِھاڻِيءَ پِرڀاتِ، مَنڊي اُڀِيين…[ سُر ليلا - ليلا ليلائيج ]
- اوڏِڻِ اوڏِي آءُ، توکي لاکي ڪوٺِئو، سَندو مِٽِيءَ مامِرو، لَٿو تو مَٿان، راڻِيُون گهَڻِيُون راڄَ ۾، توتي ريڌو راءُ.[ سُر ڏھر - وايون ]
- اَکِيُنِ کي آھِين، وَڏا واجهَہ وِڙَھڻَ جا، اُڀِيُون مَنڊي مامِرو، جهيڙو نَہ لاھِينِ، جِيئَن سي ڪَڪَرَ اُڀَ ۾، تِيئَن آگِمَيُون…[ سُر آسا - نيراني اکڙيون ]
- آئُون بَندِياڻِي بَندَ ۾، ڪِ ڪي بَندَ ٻِئا، مُون کي ڏيھان نِڪِرِيي، ٻَہ ٽي ٿوڪَ ٿِئا، ھِڪُ مارُو ٿَرِ ٿِئا،…[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]