مامِرو جي سنڌي معنيٰ
معاملو، ڦڏو، فساد، تڪرار، جهيڙو، جهڳڙو. ڌنڌو، ڪَمُ، ڪِرتُ. مصيبت، آپدا، آفت.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Business, deal, transaction, matter, affair, incident, cause or suit.
مامِرو جا بيتن ۾ حوالا
سِڪَ وَڏو ئِي سُورُ، مَحَبتَ وَڏو مامِرو،
اَٺَئِي پَھَرَ مَلُورُ، سَگهو ساعَتَ نَہ جِندَڙو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 13 ]
اَٺَئِي پَھَرَ مَلُورُ، سَگهو ساعَتَ نَہ جِندَڙو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 13 ]
وائِي واري وِنگُڙِي، ٻولِي ٻِي نَہ ڪَھَنِ،
اللهَ ڪيچَ ڌَڻِيَنِ، مُون سين پَئي نَہ مامِرو.
[ سُر ديسي، ٻروچڪي ٻولي، 1 ]
اللهَ ڪيچَ ڌَڻِيَنِ، مُون سين پَئي نَہ مامِرو.
[ سُر ديسي، ٻروچڪي ٻولي، 1 ]
پِييَمِ پَٺاڻَنِ سين ٻولِي جٖي نَہ ٻُجَهنِ،
آئُون سِنڌِيائِي نَہ سَمجهان، اُوءِ پارِسِي پُڇَنِ،
اللهَ ڪيچَ ڌَڻِيَنِ، مُون سين پَوي نَہ مامِرو.
[ سُر ديسي، ٻروچڪي ٻولي، 2 ]
آئُون سِنڌِيائِي نَہ سَمجهان، اُوءِ پارِسِي پُڇَنِ،
اللهَ ڪيچَ ڌَڻِيَنِ، مُون سين پَوي نَہ مامِرو.
[ سُر ديسي، ٻروچڪي ٻولي، 2 ]
چَنيسَرَ جي چِتَ ۾، ڪِي جو اَڳُ ھو،
مَڻيي سَندو مامِرو، تِھان پوءِ ٿِئو.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 8 ]
مَڻيي سَندو مامِرو، تِھان پوءِ ٿِئو.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 8 ]
ھُيَسِ ھِندورَنِ ۾، سَرَھِي سَڄي راتِ،
چانڪِ ھارُ کَٽندِيَسِ ھوڏَ ۾، ڏيھُ پُڻ لَھيندِيَسِ ڏاتِ،
تَہ وِھاڻِيءَ پِرڀاتِ، مَنڊي اُڀِيين مامِرو.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 18 ]
چانڪِ ھارُ کَٽندِيَسِ ھوڏَ ۾، ڏيھُ پُڻ لَھيندِيَسِ ڏاتِ،
تَہ وِھاڻِيءَ پِرڀاتِ، مَنڊي اُڀِيين مامِرو.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 18 ]
اَکِيُنِ کي آھِين، وَڏا واجهَہ وِڙَھڻَ جا،
اُڀِيُون مَنڊي مامِرو، جهيڙو نَہ لاھِينِ،
جِيئَن سي ڪَڪَرَ اُڀَ ۾، تِيئَن آگِمَيُون آھِينِ،
جهُڙ ڦُڙِ نَہ لاھِين، وَسَنِ، سانوَڻَ مِينھَن جِيئَن.
[ سُر آسا، نيراني اکڙيون، 15 ]
اُڀِيُون مَنڊي مامِرو، جهيڙو نَہ لاھِينِ،
جِيئَن سي ڪَڪَرَ اُڀَ ۾، تِيئَن آگِمَيُون آھِينِ،
جهُڙ ڦُڙِ نَہ لاھِين، وَسَنِ، سانوَڻَ مِينھَن جِيئَن.
[ سُر آسا، نيراني اکڙيون، 15 ]
آئُون بَندِياڻِي بَندَ ۾، ڪِ ڪي بَندَ ٻِئا،
مُون کي ڏيھان نِڪِرِيي، ٻَہ ٽي ٿوڪَ ٿِئا،
ھِڪُ مارُو ٿَرِ ٿِئا، ٻِئو عُمَرَ مَنڊِيو مامِرو.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 18 ]
مُون کي ڏيھان نِڪِرِيي، ٻَہ ٽي ٿوڪَ ٿِئا،
ھِڪُ مارُو ٿَرِ ٿِئا، ٻِئو عُمَرَ مَنڊِيو مامِرو.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 18 ]
مُئي ھاٿِيءَ سين مامِرو، اَچِي پِئو اَنڌَنِ،
مَناڙِينِ ھَٿَنِ سين، اَکِيين ڪِينَ پَسَنِ،
في الَحقِيقَتهِ فِيلَ کي، سَڄا سُڃاڻَنِ،
سَندِي سَردارَنِ، بَصِيرَتَ بِينا ڪَري.
[ سُر کاھوڙي، سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار، 17 ]
مَناڙِينِ ھَٿَنِ سين، اَکِيين ڪِينَ پَسَنِ،
في الَحقِيقَتهِ فِيلَ کي، سَڄا سُڃاڻَنِ،
سَندِي سَردارَنِ، بَصِيرَتَ بِينا ڪَري.
[ سُر کاھوڙي، سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار، 17 ]
اوڏِڻِ اوڏِي آءُ، توکي لاکي ڪوٺِئو،
سَندو مِٽِيءَ مامِرو، لَٿو تو مَٿان،
توتي ريڌو راءُ، نَہ تَہ راڻِيُون گهَڻِيُون راڄَ ۾.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 33 ]