مارِئا بابت
معنيٰ
ماري ڇڏيائين، ماريائين، فنا ڪري ڇڏيائين
Have killed, murdered
بيتن ۽ وائين ۾
- موکِي چوکِي نَہ ٿِئي، اَصلِ اوڇِي ذاتِ، وَٽِيُون ڏيئِي واتِ، مَتارا، جَنھِن مارِئا.[ سُر يمن ڪلياڻ - سري پيالو ۽ موکي متارا ]
- سَري ڪِي نَہ ڪِئونِ، ويڻَ موکِيءَ جٖي مارِئا، ڪو ڪو ويڻُ ڪَلاڙَ جو، پِتي تي پِئونِ، تِھان پوءِ ٿِئونِ، مِڙَڻُ…[ سُر يمن ڪلياڻ - سري پيالو ۽ موکي متارا ]
- چَلو يارو مُسَلمانو، شَھِيدا ڪافَر مارِئا ھَي، حُسينَ ڪُون، نُورُ ڪا پِيالا خُدا دي، ڀَرِ پِلايا ھي، جِنان دي گهوڙي…[ سُر ڪيڏارو - وايون ]
- ھُو جٖي ڪاڪِ ڪَڪورِئا ڪاپَڙِي، تَنِ لَھي نَہ لالِي، کَري کيپَ خُمارِئا، مَئي پِي مَوالِي، ڪَري حاصِلُ ھَلِئا، ڪيفِيَتَ ڪَمالِي،…[ سُر راڻو - چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ ]
- ڪَنھِن جَنھِن کيپَ خُمارِئا، ڀَوَرِئا ڀُوڻَنِ، ڳالِهيُون ڳَھِلي لوڪَ سين، پَڌَرِ پَئِي نَہ ڪَنِ، سَنڪو سَناسِيَنِ، آھي پُورَڀَ پَنڌَ جو.[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]
- ڪاڇي ڪاھِيائُون، سَچُ ڪِ سَنگهارَنِ لَڏِئو، مُون تَنُ مارِئائُون، پاڻان وِجِهي گُوندَرين.[ سُر ڏھر - ڪاڇو ۽ سنگهار ]
- گهورِيندي گهورِ پِئا، اَگهورُ گهورِئائُون، مَيگَرُ مارِئائُون، مَلاحَنِ مُنھَن سَنِرا.[ سُر گهاتو - ڪو جو قھر ڪلاچ ۾ ]
- ڪُنڍِي ڪَلِيُنِ وِچَ ۾، جَڏَھِين ھَنيايُون، موتِ نَہ مارِئائُون، ڏور ڏيئِي وِئا ڏُکَ جِي.[ سُر گهاتو - ڪو جو قھر ڪلاچ ۾ ]