لوحَ بابت
معنيٰ
لکڻ لاءِ تختي، ڦرهي، پُٽي. قسمت، نصيب لوح قلم، ڀاڳُ، لکيو.
Plank, tablet, title page, board, fate, destiny.
بيتن ۽ وائين ۾
- لِکِئو جو نِراڙِ، سو اَنگُ ڪِياڙِي نَہ ٿِيي، پَرِو ويٺِي پارِ، جيڪِي لالَڻَ لِکِئو لوحَ ۾.[ سُر معذوري - سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ ]
- جِتي جيتَرِيُون، لِکِيُون لوحَ قَلَمَ ۾، تِتي تيتَرِيُون، گهَڙِيُون گهارَڻَ مُون آيُون.[ سُر معذوري - سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ ]
- گِلا ڪا مَ ڪَري، مُنھِنجِي شَھَرَ ڀَنڀورَ ۾، جَنھِن وَڻَ ھيٺان ھَلِئا، سَڄَڻَ سانگُ ڪَري، لامُون تَنھِين وَڻَ سَندِيُون، لوڏِيان…[ سُر ڪوھياري - وايون ]
- سَسُئِيءَ کي ساڙو، لِکِئو آھي لوحَ ۾، ھوتَ لَنگِهئو ھاڙھو، ھِنَ ھَنجُون ھارَڻُ آيُون.[ سُر حسيني - جِيئڻُ ۽ مَرڻُ ]
- ٿُلُهو ٿو ٿُونا ھَڻين، مَتو آھِين مَڇَ، بابَ تُنھِنجي رَڇَ، لِکِئا لوحَ قَلَمَ ۾.[ سُر گهاتو - ڪو جو قھر ڪلاچ ۾ ]
- قِسمَتَ قَيدُ قَوِي، نَہ تَہ ڪيرَ اَچي ھِنَ ڪوٽَ ۾، لِکِئي آڻي لوحَ کي، ھَنڌُ ڏيکارِئُمِ ھِيءُ، پَرَچي ڪِينَ پَنوَھارَ…[ سُر مارئي - ڪن فيڪون ۽ قيد ]