لوحَ جي سنڌي معنيٰ
لکڻ لاءِ تختي، ڦرهي، پُٽي. قسمت، نصيب لوح قلم، ڀاڳُ، لکيو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Plank, tablet, title page, board, fate, destiny.
لوحَ جا بيتن ۾ حوالا
جِتي جيتَرِيُون، لِکِيُون لوحَ قَلَمَ ۾،
تِتي تيتَرِيُون، گهَڙِيُون گهارَڻَ مُون آيُون.
[ سُر معذوري، سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ، 22 ]
تِتي تيتَرِيُون، گهَڙِيُون گهارَڻَ مُون آيُون.
[ سُر معذوري، سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ، 22 ]
گِلا ڪا مَ ڪَري، مُنھِنجِي شَھَرَ ڀَنڀورَ ۾،
جَنھِن وَڻَ ھيٺان ھَلِئا، سَڄَڻَ سانگُ ڪَري،
لامُون تَنھِين وَڻَ سَندِيُون، لوڏِيان لايان ڳَري،
جَو سِينگارُ سَرَتِيين، سو مُون ناھِ ڳَري،
جِھَڙِي تِھَڙِي حالَ سين، وَڃان پيرَ ڀَري،
قَضا جَا ڪَرِيمَ جِي، ڪَنھِن کي ڪِينَ ٽَري،
جيڪِي لِکئو لوحَ قَلَمَ ۾، پارِيان سو پَري.
[ سُر ڪوھياري، وايون، 1 ]

سَسُئِيءَ کي ساڙو، لِکِئو آھي لوحَ ۾،
ھوتَ لَنگِهئو ھاڙھو، ھِنَ ھَنجُون ھارَڻُ آيُون.
[ سُر حسيني، جِيئڻُ ۽ مَرڻُ، 29 ]
ھوتَ لَنگِهئو ھاڙھو، ھِنَ ھَنجُون ھارَڻُ آيُون.
[ سُر حسيني، جِيئڻُ ۽ مَرڻُ، 29 ]
ٿُلُهو ٿو ٿُونا ھَڻين، مَتو آھِين مَڇَ،
بابَ تُنھِنجي رَڇَ، لِکِئا لوحَ قَلَمَ ۾.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 25 ]
بابَ تُنھِنجي رَڇَ، لِکِئا لوحَ قَلَمَ ۾.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 25 ]
قِسمَتَ قَيدُ قَوِي، نَہ تَہ ڪيرَ اَچي ھِنَ ڪوٽَ ۾،
لِکِئي آڻي لوحَ کي، ھَنڌُ ڏيکارِئُمِ ھِيءُ،
پَرَچي ڪِينَ پَنوَھارَ ري، جانِ جُسو ۽ جِيءُ،
راجا راضِي ٿِيءُ، تَہ مارُنِ مِڙي مارُئِي.
[ سُر مارئي، ڪن فيڪون ۽ قيد، 8 ]
لِکِئي آڻي لوحَ کي، ھَنڌُ ڏيکارِئُمِ ھِيءُ،
پَرَچي ڪِينَ پَنوَھارَ ري، جانِ جُسو ۽ جِيءُ،
راجا راضِي ٿِيءُ، تَہ مارُنِ مِڙي مارُئِي.
[ سُر مارئي، ڪن فيڪون ۽ قيد، 8 ]
لِکِئو جو نِراڙِ، سو اَنگُ ڪِياڙِي نَہ ٿِيي،
پَارِئو ويٺِي پارِ، جيڪِي لالَڻَ لِکِئو لوحَ ۾.
[ سُر معذوري، سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ، 21 ]
پَارِئو ويٺِي پارِ، جيڪِي لالَڻَ لِکِئو لوحَ ۾.
[ سُر معذوري، سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ، 21 ]
English Meaning
Plank, tablet, title page, board, fate, destiny.