قُرِبَ بابت
معنيٰ
پيار، اڪير، محبت، ميٺ
Love
بيتن ۽ وائين ۾
- پَتَنگَنِ پَھُ ڪَري، اَچِي اُجهائِي آڳِ، ڪِينئَنِ کي قُرِبَ جي ڪا جَا لَڳِي لاڳِ، مِڙِي سَڀَ ماڳِ، کاڻا کُوري وِچَ…[ سُر يمن ڪلياڻ - پتنگ ۽ باھ ]
- پُرِي پَتَنگَ آئِيا، سائُو سَڀَ سَري، کاڻا کُوري وِچَ ۾، مَنجهان قُرِبَ ڪَري موٽِئو ڪو نَہ وَري، اُڇَلَ پَسِي آڳِ…[ سُر يمن ڪلياڻ - پتنگ ۽ باھ ]
- ايڪُ پِيالو ٻَہ ڄَڻا، عِشقُ نَہ ڪَري اِيئَن، لِکِئا جٖي لِکڻَ ۾، قُرِبَ رَسَندا ڪِيئَن، ھُئَڻَ ڪِئا ھِيئَن، وانجِئا پَسُ…[ سُر يمن ڪلياڻ - سري پيالو ۽ موکي متارا ]
- تَہ ڪَرَ ڪِيئَن سُئِي، جَي سِيرَ نَہ گِهڙِي سُهڻِي، ھِتِ حَياتِي ڏِينھَڙا، ھَڏِھِين تان نَہ ھُئِي، چُڪي تَنھِن چَرِي ڪِي،…[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- ڪِھَڙي مَنجِهہ حِسابَ، ھُوئَڻُ مُنھِنجو ھوتَ ري، گولِي ڀَڄُ گُناھَ کان، ڪونِهي سُودُ ثَوابَ، نَڪِي تَقاوَتَ ۾، نَڪِي مَنجِهہ رَبابَ،…[ سُر سھڻي - وايون ]
- جَو تُون آھيين توکي مَڱان، آئُون ٻِئو دَرُ ڪونَہ سُڃاڻان، اِلاھِي عِنايَتَ سين، نَوازِيين نَماڻا، اَنڌا ڪَرِيين اَڳَ ۾، ڪوٺائِيين…[ سُر سھڻي - وايون ]
- نِماڻِيءَ جي نِجُهري روئَڻُ ۽ راڙو، ڪُٺَلِ سَندي قَلبَ ۾، قُرِبَ جو ڪاڙھو، ھوتَنِ لَيءِ ھاڙھو، رِجائِيندِيَسِ رَتَ سين.[ سُر حسيني - ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ]
- ڪَري موٽَ مَينڌَرو جي لُڊوڻِئان لالُ، گهَرُ مِڙيوئِي گهورِيان، ھُوندَ پَنھِنجو حالُ، راڻي ڌاران راڄَ ۾، مُون نَہ گُهرِجي مالُ،…[ سُر راڻو - رُس مَ رُسڻ گهورئو ]
- تَنِ اَکَڙِيُنِ آئُون اَڙائِي، ٻَڙِي جيڏِيُون، ڪَنھِن دَرِ ڏِيان دانھَڙِي، ڦِڪِيُون ڏيئِي ڦَڪِيُون، ويڄَنِ آئُون وِرچائِي، حُسُنَ ھوتَ حَبِيبَ جي،…[ سُر رامڪلي - وايون ]
- ٻي دَرِ وانءُ مَ ڪيڏانھِين، جو تُون ڄامُ مَڱَندين مَڱڻا، ڦيرِ مَ ڪَنڌُ ڪِياڙِي، ٿِيندِي حاجَ ھِنئائِين، ماڻِڪَ موتِي مالَ…[ سُر جاجڪاڻي - وايون ]