غَرِيبِ بابت
معنيٰ
وطن کان نڪتل، مسافر، پرديسياڻي. ويڳاڻي، اجنبي. غربت واري، مسڪين. بي پھچ، ڪمزور. ضرورتمند، گهرجائو، محتاج. سانتيڪي، ماٺيڻي، حليم. اشراف، خليق. نھٺي، نماڻي. نرم دل، رحمدل، سڌي سادي.
Poor, gentle, affable, humble, unassuming.
بيتن ۽ وائين ۾
- جاڳاياسِ زَنبُورَ، ڪُتي قَرِيبَنِ جي، بَھِي بَھُڪِي اُٿِئو، گِهڏِي مَنجهان گهُورَ، سَڀَ لاھِيندو سُورَ گِرِي ھِنَ غَرِيبِ تان.[ سُر معذوري - ڪتا ۽ ڪوھ ]
- لُڇَڻُ نَہ لاھِينِ، گُوندَرَ ھِنَ غَرِيبِ تان، پَرِ ۾ پَچائِينِ، جِيجان جوشَ جَتَنِ جا.[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- لِيلان حِيلا ڇَڏِ، جَي تُون سُوڀِي سِکِيين، پائي پاندُ ڳِچِيءَ ۾، پاڻُ غَرِيبِيءَ گَڏِ، ھَڏِ نَہ چُوندَءِ لَڏِ، جي ڪارُون…[ سُر ليلا - ليلا ليلائيج ]
- اللهَ ٻاجُهن ڪَؤنُ ساٿِي، ڦِرندِي آئِي، مَين چُپ چُپاتِي، سِڪَ شاھَ رانجَهنِ دِي مِيان، ڏِينھان جو راتِين، آکي لَطِيفُ فَقِيرُ…[ سُر جاجڪاڻي - وايون ]
- ڀَرَمُ ڀاروڙِيءَ، جَنھِن مَنجِهہ اَڇِي اُنَ، تَہ پُڻ ويٺِي وِندِيان، توڙي پَوَنِسِ تُنَ، غافِلِ رَکُ غَرِيبِ کي، عُمَرَ مَنجِهہ اَمُنَ،…[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]
- تُون تَماچِي تَڙَ ڌَڻِي، آئُون گَندَرِي غَرِيبِ، تو سان ڄامَ قَرِيبِ، ڪِي ڏَنُ ڇَڏائي ڏيجِ مُون.[ سُر ڪاموڏ - سمي سامهون گندري ]
- ھُيُون ڪوڙيِين ڪِينجُهرَ ڀَرِ، نُورِيءَ سين نِياءُ ٿِئو، گَندَرِي پَنھِنجِيءَ غَرِيبِيءَ سين، ٿِي سَڀَنؤُن سَرِ، سا مَرَڪي مِيرِبَحَرِ، جَنھِن جي…[ سُر ڪاموڏ - مِڙيوئي معاف ]