غَرِيبِ جي سنڌي معنيٰ
وطن کان نڪتل، مسافر، پرديسياڻي. ويڳاڻي، اجنبي. غربت واري، مسڪين. بي پھچ، ڪمزور. ضرورتمند، گهرجائو، محتاج. سانتيڪي، ماٺيڻي، حليم. اشراف، خليق. نھٺي، نماڻي. نرم دل، رحمدل، سڌي سادي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Poor, gentle, affable, humble, unassuming.
غَرِيبِ جا بيتن ۾ حوالا
جاڳاياسِ زَنبُورَ، ڪُتي قَرِيبَنِ جي،
بَھِي بَھُڪِي اُٿِئو، گِهڏِي مَنجهان گهُورَ،
سَڀَ لاھِيندو سُورَ گِرِي ھِنَ غَرِيبِ تان.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 5 ]
بَھِي بَھُڪِي اُٿِئو، گِهڏِي مَنجهان گهُورَ،
سَڀَ لاھِيندو سُورَ گِرِي ھِنَ غَرِيبِ تان.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 5 ]
لُڇَڻُ نَہ لاھِينِ، گُوندَرَ ھِنَ غَرِيبِ تان،
پَرِ ۾ پَچائِينِ، جِيجان جوشَ جَتَنِ جا.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 16 ]
پَرِ ۾ پَچائِينِ، جِيجان جوشَ جَتَنِ جا.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 16 ]
ڀَرَمُ ڀاروڙِيءَ، جَنھِن مَنجِهہ اَڇِي اُنَ،
تَہ پُڻ ويٺِي وِندِيان، توڙي پَوَنِسِ تُنَ،
غافِلِ رَکُ غَرِيبِ کي، عُمَرَ مَنجِهہ اَمُنَ،
سَرَتِنِ ساڻُ سَمُنَ، آھِمِ اُٺي مِينھَڙين.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 30 ]
تَہ پُڻ ويٺِي وِندِيان، توڙي پَوَنِسِ تُنَ،
غافِلِ رَکُ غَرِيبِ کي، عُمَرَ مَنجِهہ اَمُنَ،
سَرَتِنِ ساڻُ سَمُنَ، آھِمِ اُٺي مِينھَڙين.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 30 ]
تُون تَماچِي تَڙَ ڌَڻِي، آئُون گَندَرِي غَرِيبِ،
تو سان ڄامَ قَرِيبِ، ڪِي ڏَنُ ڇَڏائي ڏيجِ مُون.
[ سُر ڪاموڏ، سمي سامهون گندري، 10 ]
تو سان ڄامَ قَرِيبِ، ڪِي ڏَنُ ڇَڏائي ڏيجِ مُون.
[ سُر ڪاموڏ، سمي سامهون گندري، 10 ]
English Meaning
Poor, gentle, affable, humble, unassuming.