طَعنو بابت
معنيٰ
مهڻو، اوڀالو، تُنڪو، اوڀالو.
Taunting, reproaching, gibe, scoff, sarcasm, sneer.
بيتن ۽ وائين ۾
- جَتَنِ يارانو، ڪيچِيَنِ مُون سين ڪونَہ ڪِئو، نالي سُيَسِ ھوتَ جي، مَٿِنِ بارانو، تيلاھِين طَعنو، ڏِيندا مُون ڏيرَ وِئا.[ سُر ديسي - جَت نہ مِٽَ ]
- مُومَلَ ناھِ مَينڌَرو، جان جان مَنجِهہ نَصِيبَ، مُون کي مُون حَبِيبَ، طَعنو ئِي تُنھِنجو.[ سُر راڻو - چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ ]
- طَعنو سُڻِي تُنھِنجو، حالُ وِڃايُمِ حَقَ، لَکين لوڊِي آيا، سوڍي لاٿَمِ شَڪَ، ڏِنَمِ ڪاڪِ ڪَھَڪَ، سِگهو موٽِجِ سُپِرِين.[ سُر راڻو - چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ ]
- آئُون طَعني سُوڌِي تُنھِنجِي، مُون طَعنو ئِي تُون، سو ڪِي سَرِئوسُون، جو سَرَتِيءَ ڪَنھِن نَہ سَرِئو.[ سُر راڻو - چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ ]
- جَو ڏيھَ ڏاڏاڻا آيو، ڏِنُمِ تَنھِن طَعنو، پائي ويھُ مَ پَلَنگين، ڳِچِيءَ سِرِ ڳانو، مَٿان لَڪَ لَطِيفُ چئَي، کاءُ مَ…[ سُر مارئي - ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر ]