طَعنو جي سنڌي معنيٰ
مهڻو، اوڀالو، تُنڪو، اوڀالو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Taunting, reproaching, gibe, scoff, sarcasm, sneer.
طَعنو جا بيتن ۾ حوالا
جَتَنِ يارانو، ڪيچِيَنِ مُون سين ڪونَہ ڪِئو،
نالي سُيَسِ ھوتَ جي، مَٿِنِ بارانو،
تيلاھِين طَعنو، ڏِيندا مُون ڏيرَ وِئا.
[ سُر ديسي، جَت نہ مِٽَ، 3 ]
نالي سُيَسِ ھوتَ جي، مَٿِنِ بارانو،
تيلاھِين طَعنو، ڏِيندا مُون ڏيرَ وِئا.
[ سُر ديسي، جَت نہ مِٽَ، 3 ]
مُومَلَ ناھِ مَينڌَرو، جان جان مَنجِهہ نَصِيبَ،
مُون کي مُون حَبِيبَ، طَعنو ئِي تُنھِنجو.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 20 ]
مُون کي مُون حَبِيبَ، طَعنو ئِي تُنھِنجو.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 20 ]
طَعنو سُڻِي تُنھِنجو، حالُ وِڃايُمِ حَقَ،
لَکين لوڊِي آيا، سوڍي لاٿَمِ شَڪَ،
ڏِنَمِ ڪاڪِ ڪَھَڪَ، سِگهو موٽِجِ سُپِرِين.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 21 ]
لَکين لوڊِي آيا، سوڍي لاٿَمِ شَڪَ،
ڏِنَمِ ڪاڪِ ڪَھَڪَ، سِگهو موٽِجِ سُپِرِين.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 21 ]
آئُون طَعني سُوڌِي تُنھِنجِي، مُون طَعنو ئِي تُون،
سو ڪِي سَرِئوسُون، جو سَرَتِيءَ ڪَنھِن نَہ سَرِئو.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 22 ]
سو ڪِي سَرِئوسُون، جو سَرَتِيءَ ڪَنھِن نَہ سَرِئو.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 22 ]
جَو ڏيھَ ڏاڏاڻا آيو، ڏِنُمِ تَنھِن طَعنو،
پائي ويھُ مَ پَلَنگين، ڳِچِيءَ سِرِ ڳانو،
مَٿان لَڪَ لَطِيفُ چئَي، کاءُ مَ خَرانو،
سَرَتِنِ سِيلُ چَوايو، جورِ ھَڻِي جانو،
تو سَڏُ سَمانو، حَرَفَ لَٿي ھيڪَڙي.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 2 ]