سِيڻاھِ بابت
معنيٰ
ٻڪريءَ جي کَلَ مان ٺاهيل تَرڻ جي کَلِي، سِيڻهہ، سانداري.
Swimming bag (sack) made from goat's leather.
بيتن ۽ وائين ۾
- دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ ڪُنَ ڪَڙَڪا ڪَنِ، سَوين سِيڻاھِيا سِيرَ ۾، لُڙَھَندا لَکَ وَڃَنِ، ڪَنڌِي نَہ ڪَپِرو، نَہ ڪي…[ سُر سھڻي - دھشت دام درياھَ ]
- دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ لَهرِيُون ڪَنِ لوڙا، سَوين اَچِئو سِيرَ ۾، ٿِيَنِ سِيڻاھِيَلَ سوڙِھا، جٖي تارُو ھُئا توڙا، تَنِ…[ سُر سھڻي - دھشت دام درياھَ ]
- گِهڙِئا سي چَڙِهئا، اِيھِين اَٿيئِي، مَئي مَتي مَھِراڻَ ۾، پَئُہ ٽَپو ڏيئِي، ميھارُ مِليئِي، سَنڀُوڙو سِيڻاھِ سين.[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- راتِ اُونداھِي ريءَ گَهڙي، نَہ ڪا سِيڻاھِ ساڻُ، وِجِهي ويرَ مَ نَہ ڪَري، پِريان ڪارَڻِ پاڻُ، مَحَبتَ کي مَھِراڻُ سُڪِي…[ سُر سھڻي - الست ارواح، کامڻ پچڻ ]
- جِتي ڀيرَ ڀِرَنِ، ڀَرِيُون پَوَنِ ڀَواريُون، تانگهَہ نَہ لَڌِي تارُئين، مَپُ نَہ ماٽِيَڙَنِ، ڪَنڌِيءَ اُڀا ڪيتِرا، سِيڻاھِيا سَنڪَنِ، تُون ڪِيئَن…[ سُر سھڻي - ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا ]
- اَچِي اولَڙِي ڪيرَ ڪيرَ، وَٽان پاڻِيءَ وارِيين، نالي سُڄي سُهڻِي، ذاتِ نِڄاڻان ڪيرَ، گَهڙي گهورَ نَہ جَهلِي، پَٽِ نَہ کُتِسَ…[ سُر سھڻي - وايون ]
- مَدَتَ ٿِيءُ ميھارَ يارَ، ساھَڙَ سائِرَ سِيرَ ۾، اُونها ڪُنَ اَتانگهَہ تَڙَ، اولِي ھَڻُ آڌارَ، ڏِينھَن ڏُھلا ڏَمَ سين، آئُون…[ سُر سھڻي - وايون ]