سِيلَ بابت
معنيٰ
شِيل، سٺي چال، ست گڻ. عصمت، آبرو. پاڪدامني، سَتُرُ، پرھيزگاري، ڀَرمُ، پَتَ. ناموس، نيڪ رهڻي، سُپَتِ.
Good conduct or disposition, uprightness, honor, virtue.
بيتن ۽ وائين ۾
- جَڏھِن وَسِيلَنِ، لوڙِھي ڇَڏِي لُڙَ ۾، پاراران پِرِيَنِ، تَڏِھِين پُڇِي سُهڻِي.[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- جَڏا ميڙِ جَلِيلَ، جٖي حَبِ نَہ ھَلَڻُ سِکِئا، لَنگهائي لَطِيفُ چئَي، نِجَنِ ڪيچِ قَلِيلَ، وِساري وَسِيلَ، مَڇُڻ مارَڳِ ڇَڏِيين.[ سُر ڪوھياري - خودڪلامي ]
- جَڏائيءَ جا جَلِيلَ، ٻَڌا موڙَ ھَٿَنِ سين، مادَرِ مُون کي مارِئو دَردَ جي دَلِيلَ، وَرِجِ وِيرَ وَسِيلَ، سُورَنِ ساڙِي آھِيان.[ سُر ڪوھياري - خودڪلامي ]
- سارِيان ٿِي سَبِيلَ، پُرِ تَقصِيرُون پاڻَ ڏي، مَتان مُون کي ڇَڏِيين، آرِي ڄامَ اَصِيلَ، وَرُ وِلَهَنِ جا وَسِيلَ، رَسِجِ رَھبَرَ…[ سُر ڪوھياري - خودڪلامي ]
- مُون سين مارُوئَڙِيُون، ڪِھَڙِيءَ رِيتِ رُسَندِيُون، چوٽي ۾ جيڙُھ پِئو، پِيَنِ رَتُ ڄَيُون، نيڻين نِنڊَ وِھُ ٿِي، ساري ساڏوھِيُون، ھِتي…[ سُر مارئي - سونھن وڃايم سومرا ]
- عُمَرَ اَڇو تُون، تِيئَن آئُون مَرَڪان وِچِ مارُوئين، مُنھُن نَہ ميرو مُون، سِيلَ تُنھِنجي سُومَرا.[ سُر مارئي - مارئي ملير جي ستي سيل ]
- سِيلَ ڀَڃَڻَ جِي سُومَرا، مُون کي مَتِ مَ آڇِجِ پاڻِ، گَهڻي ٿوري ڏِينھَڙين، هِتان ويندِيَسِ هاڻِ، مَڇُڻِ پُوئِمِ ڪاڻِ، مَھِندان…[ سُر مارئي - مارئي ملير جي ستي سيل ]
- سِيلَ ڀَڃَڻَ جِي سُومَرا، مُون کي مَتِ مَ آڇِجِ مِيرَ، گَهڻي ٿوري ڏِينھڙين، ويندِيَسِ هُتِ حَمِيرَ، مَڇُڻِ مَنجِهہ مَلِيرَ، ڪَنڌُ…[ سُر مارئي - مارئي ملير جي ستي سيل ]
- سِيلَ ڀَڃَڻَ جِي سُومَرا، مُون کي مَتِ مَ آڇِجِ مُورِ، گَهڻي ٿوري ڏِينھَڙين، ويندِيَسِ هُتِ حُضُورِ، مَڇُڻِ ٿِي مَلُورِ، ڪَنڌُ…[ سُر مارئي - مارئي ملير جي ستي سيل ]