سِيلَ جي سنڌي معنيٰ
شِيل، سٺي چال، ست گڻ. عصمت، آبرو. پاڪدامني، سَتُرُ، پرھيزگاري، ڀَرمُ، پَتَ. ناموس، نيڪ رهڻي، سُپَتِ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Good conduct or disposition, uprightness, honor, virtue.
سِيلَ جا بيتن ۾ حوالا
مُون سين مارُوئَڙِيُون، ڪِھَڙِيءَ رِيتِ رُسَندِيُون،
چوٽي ۾ جيڙُھ پِئو، پِيَنِ رَتُ ڄَيُون،
نيڻين نِنڊَ وِھُ ٿِي، ساري ساڏوھِيُون،
ھِتي جٖي ھُيُون، تَہ پييَنِ سُڌِ ھِنَ سِيلَ جِي.
[ سُر مارئي، سونھن وڃايم سومرا، 14 ]

عُمَرَ اَڇو تُون، تِيئَن آئُون مَرَڪان وِچِ مارُوئين،
مُنھُن نَہ ميرو مُون، سِيلَ تُنھِنجي سُومَرا.
[ سُر مارئي، مارئي ملير جي ستي سيل، 13 ]

سِيلَ ڀَڃَڻَ جِي سُومَرا، مُون کي مَتِ مَ آڇِجِ پاڻِ،
گَهڻي ٿوري ڏِينھَڙين، هِتان ويندِيَسِ هاڻِ،
مَڇُڻِ پُوئِمِ ڪاڻِ، مَھِندان ڪا مَلِيرَ ۾.
[ سُر مارئي، مارئي ملير جي ستي سيل، 14 ]

سِيلَ ڀَڃَڻَ جِي سُومَرا، مُون کي مَتِ مَ آڇِجِ مِيرَ،
گَهڻي ٿوري ڏِينھڙين، ويندِيَسِ هُتِ حَمِيرَ،
مَڇُڻِ مَنجِهہ مَلِيرَ، ڪَنڌُ مَٿاهُون نَہ کَڻان.
[ سُر مارئي، مارئي ملير جي ستي سيل، 15 ]

سِيلَ ڀَڃَڻَ جِي سُومَرا، مُون کي مَتِ مَ آڇِجِ مُورِ،
گَهڻي ٿوري ڏِينھَڙين، ويندِيَسِ هُتِ حُضُورِ،
مَڇُڻِ ٿِي مَلُورِ، ڪَنڌُ مَٿاهُون نَہ کَڻان.
[ سُر مارئي، مارئي ملير جي ستي سيل، 16 ]