سُورِھَہ بابت
معنيٰ
بھادر، دلير، پھلوان، ھمت وارا، جوڌا، شير مرد، سورمُا.
Brave, knight, unbeatable, victor
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪامِلَ ڪَربَلا ۾، اَھلِبَيتَ آيا، ماري مِصرِيُنِ سين، اُنِ ڪافِرَ ڪَنبايا، سَچُ ڪِ بِيبِيءَ ڄايا، اِھَڙا سُورِھَہ سُپِرِين.[ سُر ڪيڏارو - ڪامل ڪربلا ۾ ]
- ڪامِلَ ڪَربَلا ۾، سُورِھَہ ساماڻا، ڪَندا راماڻا، ڪَونئُرَ ڪِلي جا ڪوڏِيا.[ سُر ڪيڏارو - ڪامل ڪربلا ۾ ]
- ڏَاڙِهي رَتَ رَتِياسِ، ڏَندَ تَہ ڏاڙُهونءَ گُلَ جِيئَن، چوڏِھِينءَ ماھَ چَنڊَ جِيئَن، پِڙَ ۾ پاڳَڙِياسِ، ميڙي ۾ مُحَّمَدَ جي، مَرُ…[ سُر ڪيڏارو - پرھ پکي آيو ]
- سُورِھَہ مَرين سوڀَ کي دِلِ جا وَھمَ وِسارِ، ھَڻُ ڀالا پَئُہ ڀاڪُرين، آڏِي ڍالَ مَ ڍارِ، مَ ٿيڪِ تَرارِ، مارِ…[ سُر ڪيڏارو - پرھ پکي آيو ]
- سُورِھَہ مرِين سوڀَ لاءِ، تَہ جَنگِ جامي سين جوڙِ، آرَڻِ تيغَ عِشقَ جِي، تَنھِن کان مُنھُن مَ موڙِ، وَھمَ حِيلا…[ سُر ڪيڏارو - پرھ پکي آيو ]
- ڳِجُهنِ ويٺي ڳَرَھِئا، ڏَنجها ڏُکَ گَهڻا، تَنگِي لَٿِيَنِ توڻِ جِي، سُورِھَہ ساماڻا، ڪَندا راماڻا، ڪَونئُرَ ڪِلي جا ڪوڏِئا.[ سُر ڪيڏارو - ڳجهُون ۽ چنڊ ]