سَڏِ بابت
معنيٰ
ڪوٺ ڏي، دعوت ڏئي گهراءِ، ٻڌاڻو ڪر، نِينڍَ ڏي، سيھَندَ، ڪانڍَ ڏي. طلب، پُڪاريس. آواز ڏيس، پرلاءُ ڪريس، واڪو ڪريس، رڙيس، ڪُوڪيس، دانھن ڪر، نعرو ھڻ.
Call, calling, snout, invite.
بيتن ۽ وائين ۾
- ويڄَ وِڄائُون ڇَڏِ، دُورِ ڪَري ٻِئا ڊَڀَڙا، آندِيَئِي جي اَگَهنِ لَئي، سي گورِيُون گورِيُنِ گَڏِ، صاحِبُ سوئِي سَڏِ، جَو پَرکا…[ سُر يمن ڪلياڻ - ويڄ ۽ دارُون ]
- ڪَنزَ قُدُورِي ڇَڏِ، سِٽُون پَڙُه ساڃاءِ جُون، وانءُ تَنِي جي سَڏِ، جَنِي سانگُ نَہ ساھَ جو.[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- سونا وانءُ صَرافَ سِينءَ، بازِي ڀَڄِي ڇَڏِ، چاندِي ڪِئو چَلائِيين، مَڇُڻ پوئِي ھَڏِ، وَٽِ صَرافِيءَ سَڏِ، تورِيندا تَجوِيزَ سين.[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- واقُفُ جٖي وَڻِڪارَ جا، وانءُ تَنِي جي سَڏِ، نيئِي نِماڻِي نِجُهرو، اوٺِيَنِ پاسي اَڏِ، ساٿِيَنِ سين سَيِّدُ چئَي، لَڏو لَڏي…[ سُر آبڙي - واقف وڻڪار، وڏا وڻ ]
- توڻي نِينِ نَہ نِينِ، آئُون اُنِين جِي آھِيان، زورو ھِنَ ضَعِيفِ سين، ڪامِلَ ڪوھُ ڪَرِينِ، پيرين آئُون نَہ پُڄَڻِي، ڪَرَھَلَ…[ سُر ڪوھياري - وايون ]
- لَڙُ مَ لاڙائُو ٿِئو، لاھِ مَ لَڏو لَڏِ، ساٿَ پِريان جي سَڏِ، تَہ مُنڌَ ميڙائو تو ٿِئي.[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- مُون سَڏِيندِي سَڏَڙا، ساٿِي سَڏَ نَہ ڏِينِ، وِلهِيءَ جي وَٿاڻَ تي، توڏَ نَہ تَنوارينِ، ھيڏا ھاڃا ٿِيَنِ، بُري ھِنَ ڀَنڀورَ…[ سُر حسيني - جِيئڻُ ۽ مَرڻُ ]
- وِھين ۽ ويلا ڪَرِيين، سَڏِيين سانگاتُو، آرِي آپاتُو، تو سين سُونھي نَہ سَسُئِي.[ سُر حسيني - ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ ]
- جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، نَہ سِڱِيُون سيلِيهيُون ڇَڏِ، دُونهِيَئُون دُورِ ٿِي، مَڙِهي مُورُ مَ اَڏِ، سُپيرِيان جي سَڏِ، نانگا اونءُ…[ سُر رامڪلي - جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان ]
- جَي ڀانئين وَسَ چَران، تَہ سَنگهارَنِ سين لَڏِ، جَنِي سَندي سَڏِ، چورُ نَہ ڇُھي وَڇَڙا.[ سُر ڏھر - ڪاڇو ۽ سنگهار ]
- ٻي دَرِ وانءُ مَ ڪيڏانھِين، جو تُون ڄامُ مَڱَندين مَڱڻا، ڦيرِ مَ ڪَنڌُ ڪِياڙِي، ٿِيندِي حاجَ ھِنئائِين، ماڻِڪَ موتِي مالَ…[ سُر جاجڪاڻي - وايون ]
- تو ھَٿَڙا سونَ جا، ڪوھُ نَہ ڪَتين رَڏِ، ويھِي ڪاپو ڪَرِيين نَہ ڪُنڊَ ۾، کَٽِيُون ڳالِهيُون ڇَڏِ، تَہ صَرافاڻي سَڏِ،…[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- سَڏِ پُڻ سَلامِي ٿِئا، وَهِيءَ پُڻِ وَرِئا جي، آهي تَنِي کي، مَھِندان ماڳُ مَلِيرَ ۾.[ سُر مارئي - پائران پيھي آيا ]