سَڏِ جي سنڌي معنيٰ
ڪوٺ ڏي، دعوت ڏئي گهراءِ، ٻڌاڻو ڪر، نِينڍَ ڏي، سيھَندَ، ڪانڍَ ڏي. طلب، پُڪاريس. آواز ڏيس، پرلاءُ ڪريس، واڪو ڪريس، رڙيس، ڪُوڪيس، دانھن ڪر، نعرو ھڻ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Call, calling, snout, invite.
سَڏِ جا بيتن ۾ حوالا
ويڄَ وِڄائُون ڇَڏِ، دُورِ ڪَري ٻِئا ڊَڀَڙا،
آندِيَئِي جي اَگَهنِ لَئي، سي گورِيُون گورِيُنِ گَڏِ،
صاحِبُ سوئِي سَڏِ، جَو پَرکا لَھيْ ھِنَ پِيڙَ جِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 10 ]
آندِيَئِي جي اَگَهنِ لَئي، سي گورِيُون گورِيُنِ گَڏِ،
صاحِبُ سوئِي سَڏِ، جَو پَرکا لَھيْ ھِنَ پِيڙَ جِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 10 ]
ڪَنزَ قُدُورِي ڇَڏِ، سِٽُون پَڙُه ساڃاءِ جُون،
وانءُ تَنِي جي سَڏِ، جَنِي سانگُ نَہ ساھَ جو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 23 ]
وانءُ تَنِي جي سَڏِ، جَنِي سانگُ نَہ ساھَ جو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 23 ]
سونا وانءُ صَرافَ سِينءَ، بازِي ڀَڄِي ڇَڏِ،
چاندِي ڪِئو چَلائِيين، مَڇُڻ پوئِي ھَڏِ،
وَٽِ صَرافِيءَ سَڏِ، تورِيندا تَجوِيزَ سين.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 11 ]
چاندِي ڪِئو چَلائِيين، مَڇُڻ پوئِي ھَڏِ،
وَٽِ صَرافِيءَ سَڏِ، تورِيندا تَجوِيزَ سين.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 11 ]
واقُفُ جٖي وَڻِڪارَ جا، وانءُ تَنِي جي سَڏِ،
نيئِي نِماڻِي نِجُهرو، اوٺِيَنِ پاسي اَڏِ،
ساٿِيَنِ سين سَيِّدُ چئَي، لَڏو لَڏي گَڏِ،
سُکَ ڀَنڀورَ جا ڇَڏِ، تَہ ڪاھي رَسين ڪيچَ کي.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 9 ]
نيئِي نِماڻِي نِجُهرو، اوٺِيَنِ پاسي اَڏِ،
ساٿِيَنِ سين سَيِّدُ چئَي، لَڏو لَڏي گَڏِ،
سُکَ ڀَنڀورَ جا ڇَڏِ، تَہ ڪاھي رَسين ڪيچَ کي.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 9 ]
لَڙُ مَ لاڙائُو ٿِئو، لاھِ مَ لَڏو لَڏِ،
ساٿَ پِريان جي سَڏِ، تَہ مُنڌَ ميڙائو تو ٿِئي.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 3 ]
ساٿَ پِريان جي سَڏِ، تَہ مُنڌَ ميڙائو تو ٿِئي.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 3 ]
تو ھَٿَڙا سونَ جا، ڪوھُ نَہ ڪَتين رَڏِ،
ويھِي ڪاپو ڪَرِيين نَہ ڪُنڊَ ۾، کَٽِيُون ڳالِهيُون ڇَڏِ،
تَہ صَرافاڻي سَڏِ، مَرَڪِئو ھُوندَ مَٽائِيين.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 11 ]
ويھِي ڪاپو ڪَرِيين نَہ ڪُنڊَ ۾، کَٽِيُون ڳالِهيُون ڇَڏِ،
تَہ صَرافاڻي سَڏِ، مَرَڪِئو ھُوندَ مَٽائِيين.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 11 ]
سَڏِ پُڻ سَلامِي ٿِئا، وَهِيءَ پُڻِ وَرِئا جٖي،
آهي تَنِي کي، مَھِندان ماڳُ مَلِيرَ ۾.
[ سُر مارئي، پائران پيھي آيا، 11 ]
آهي تَنِي کي، مَھِندان ماڳُ مَلِيرَ ۾.
[ سُر مارئي، پائران پيھي آيا، 11 ]
جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، نَہ سِڱِيُون سيلِهيُون ڇَڏِ،
دُونھِيَئُون دُورِ ٿِي، مَڙِهي مُورُ مَ اَڏِ،
سُپيرِيان جي سَڏِ، نانگا اونءُ نِڱِئو.
[ سُر رامڪلي، جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، 4 ]
دُونھِيَئُون دُورِ ٿِي، مَڙِهي مُورُ مَ اَڏِ،
سُپيرِيان جي سَڏِ، نانگا اونءُ نِڱِئو.
[ سُر رامڪلي، جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، 4 ]
جَي ڀانئِين وَسَ چَران، تَہ سَنگهارَنِ سين لَڏِ،
جَنِي سَندي سَڏِ، چورُ نَہ ڇُھي وَڇَڙا.
[ سُر ڏھر، ڪاڇو ۽ سنگهار، 15 ]
جَنِي سَندي سَڏِ، چورُ نَہ ڇُھي وَڇَڙا.
[ سُر ڏھر، ڪاڇو ۽ سنگهار، 15 ]
English Meaning
Call, calling, snout, invite.