سَڏَ جي سنڌي معنيٰ
پُڪارون. آواز، پرلاءَ، واڪا، رڙيون، ڪُوڪون، دانھون، نعرا. ڳالهاءَ، گفتا ڪوٺون، دعوتون، ٻڌاڻا، نِينڍون، سيھَندون، ڪانڍون.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Calls, callings, snouts, bawls.
سَڏَ جا بيتن ۾ حوالا
جو نَوازي ڏَڏَ، آسَرَ لاھِ مَ اُنَ جِي،
اوڏايان اوڏو گهَڻو، ڪِھَڙا ڪَرِيين سَڏَ،
ويھُ داتا جي دَرَ تي، لَنگها لاھي لَڏَ،
اَگَلَنِ کي اوڏو وِھي، گَندا ڪَري گَڏَ،
ڪِھڙا جَڏَ جَڏوئِيين، جُودَ مَهِندان جَڏَ،
اَڳِئان عَجِيبَنِ جي، مُشُڪِلُ ڪينِهي مَڏَ،
آدَمُ تِئان خَلَقِئو، ھُوءَ جا کَڄي مَنجهان کَڏَ،
سَمي سيئِي سيڻَ ڪِئا، ھيڻا جَنِ جا ھَڏَ،
سانگِيَنِ جِي سَيِّدُ چئَي، ڄامَ پَرتَئِي لَڏَ،
جِيءُ جِيءُ تَماچِي ڪَري، سُڻِئو نُورِيءَ سَڏَ،
ادا اِنَهِيءَ پارَ جا، موڙي اَچو مَڏَ،
غافِلِي ڪُفرِي، ايڪَ نَہ سُئَيءِ سَڏَ،
ھُوءِ جُنبِئا جابانَ ڏي، تُون سُتو ساھِيين ھَڏَ.
اَوِلِيَ ۾، عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، سَڄَڻَ ڏِيندو سَڏَ.
[ سُر رِپ، وايون، 1 ]

سُورائِتِي سَڏَ، ڪَري سَڏَ سُورَنِ کي،
سُورَنِ ڀَڳَسِ ھَڏَ، سي پُڻ سيڪي سُورَ سين.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 9 ]

جَڏَڙو جِيءُ جِيارِئو، پِرِيَنِ جِي پَچارَ سيڻَنِ جِي سَنڀالَ،
اُڃِئو تَنُ عَمِيقَ مان، پِرِيَنِ پُوڄُ پِيارئو.
سَنئُون مُنھَن ڪَري سُپِرِين، نِرمَلَ نُورَ نِھارِئو،
سائِلَنِ جِيئَن سَڏَ ڪَري، اَئِين تالُنِ کي تَنوارِئو،
مَرِضُ مَرِيضَنِ تان، اَئِين اِشاري ساڻُ اُتارِئو،
ڪَرَمَ ڪَرِيمَنِ جي، مُون کي اَھُکِيءَ مان اُڪارِئو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، وايون، 4 ]

گهَڙو مُنڌَ مُئِي، وَسِيلا وِئا،
تِھان پوءِ سُئا سُهڻِيءَ سَڏَ ميھارَ جا.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 30 ]

دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ ڪُنَ ڪَڙَڪا ڪَنِ،
سَوين سِيڻاھِيا سِيرَ ۾، لُڙَھَندا لَکَ وَڃَنِ،
ڪَنڌِي نَہ ڪَپِرو، نَہ ڪي سَڏَ سُڄَنِ،
توڏِي اُتَئِي تَري، جِتِ وَسِيلا وَڃَنِ،
اُتي اَتارُنِ، ساھَڙَ سِيرَ لَنگَهاءِ تُون.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 8 ]

گَهرين جٖي گهارِينِ، سي ڪَمِيڻِيُون ڪُوڙِيُون،
وِڃائي وَرِي آيُون، مَحَبتَ جُون مُوڙِيُون،
جٖي سَنجهي سَنڀوُڙِيُون، ساھَڙُ تَنِي سَڏَ ڪَري.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 24 ]

چاھَڪَ چَرِي تارِ تَرِي، آيُون مَٿي آرَ،
ڪوڙيِين ڪَرَ کَڻندِيُون، سُڻِي سَڏَ ڌَراڙَ،
مينھِيُون ساڻُ ميھارَ، پَرَچِي پارِ لَنگهَندِيُون.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 28 ]

راتِ اُنداھِي ريءَ گهَڙي، نَہ ھِينئَڙي آڏِي اَڏَ،
ساھَڙَ سُڻجِ سَڏَ، تو اَھارَ تارِ تَران.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 19 ]

اُڀو تَڙِ ميھارُ، مَلاحَنِ سَڏَ ڪَري،
آئُون پُڻ وِجهان ھَٿَڙا، اَئِين پُڻ وِجهو ڄارُ،
گهورِيُون ڪارُونڀارُ، مانَ مِڙَنِھَئُون سُپِرِين.
[ سُر سھڻي، ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا، 4 ]

اُڀو ڪَري سَڏَ، ميھارُ مَلاحَنِ جي،
اَدا اِنَهِيءَ پارَ جا، مُوڙي اَچو مَڏَ،
وِئا جٖي وَھَ گَڏَ، سي ھَلو تَہ ڏورِيُون سُپِرِين.
[ سُر سھڻي، ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا، 6 ]