زَبانَ بابت
معنيٰ
ڄِڀَ، لِسان. ٻولي، ڀاشا، باکا، لغت. وائِي، ڪَھڻي، چَوڻي، سخن، ڪلام، ڳالهہ ٻولهہ، گفتگو، اقرار، وعدو، انجام، وچن، قول.
The tongue, language, speech, words.
بيتن ۽ وائين ۾
- جُسي ۾ جَبارَ جو، خَفِي خِيمو کوڙ، جَلِي تُون زَبانَ سين، چارَئِي پَھَرَ چورِ، فِڪرَ سين فُرقانَ ۾، اِسمُ اعظمُ…[ سُر يمن ڪلياڻ - صوفي ۽ طالب ]
- حَقِيقَتَ ھِنَ حالَ جِي، جي ظاھِرُ ڪَرِيان زَبانَ، لَڳي ماٺِ مِرُنِ کي، جيڪَرَ سُورُ سَلانِ، ٻِي ٽاڪَرِ ٽِڪي ڪانَہ، جَبَلُ…[ سُر ڪوھياري - خودڪلامي ]
- ڪِي جو زاغَ زَبانَ سين، لَنيو مَٿي لامَ، پھچايائِين پِرِينءَ جا، سَرَتِيُون راتِ سَلامَ، ڪاڪِيُون ڪَتي ڪامَ، تَہ ڪَھِيو سُڻِيان…[ سُر پورب - ڪانگ ]
- ھُئَين وَسِيلو وِچَ ۾، ڪانگا پارِيَئِي ڪانَہ، اُتَئِي ڪِينَ عَجِيبَ کي، ظاھِرُ ساڻُ زَبانَ، توڙِ پھتين تان نَہ، اورِيائِين آڻِئو…[ سُر پورب - ڪانگ ]
- مُنھُن آھيريءَ جِيئَن اُجَري، قَلبَ ۾ ڪارو، ٻَھران زيبُ زَبانَ سين، دِلِ ۾ ھَچارو، اِنَ پَرِ ويچارو، ويجهو ناھِ وِصالَ…[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]