زَبانَ جي سنڌي معنيٰ
ڄِڀَ، لِسان. ٻولي، ڀاشا، باکا، لغت. وائِي، ڪَھڻي، چَوڻي، سخن، ڪلام، ڳالهہ ٻولهہ، گفتگو، اقرار، وعدو، انجام، وچن، قول.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
The tongue, language, speech, words.
زَبانَ جا بيتن ۾ حوالا
جُسي ۾ جَبارَ جو، خَفِي خِيمو کوڙ،
جَلِي تُون زَبانَ سين، چارَئِي پَھَرَ چورِ،
فِڪرَ سين فُرقانَ ۾، اِسمُ اعظمُ ڏورِ،
ٻِئا دَرَ وَڃِي مَ ووڙِ، اَمُلُ اِئائين سَپَجي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 8 ]
جَلِي تُون زَبانَ سين، چارَئِي پَھَرَ چورِ،
فِڪرَ سين فُرقانَ ۾، اِسمُ اعظمُ ڏورِ،
ٻِئا دَرَ وَڃِي مَ ووڙِ، اَمُلُ اِئائين سَپَجي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 8 ]
حَقِيقَتَ ھِنَ حالَ جِي، جي ظاھِرُ ڪَرِيان زَبانَ،
لَڳي ماٺِ مِرُنِ کي، جيڪَرَ سُورُ سَلانِ،
ٻِي ٽاڪَرِ ٽِڪي ڪانَہ، جَبَلُ سَڀَ جَلِي وَڃي.
[ سُر ڪوھياري، خودڪلامي، 5 ]
لَڳي ماٺِ مِرُنِ کي، جيڪَرَ سُورُ سَلانِ،
ٻِي ٽاڪَرِ ٽِڪي ڪانَہ، جَبَلُ سَڀَ جَلِي وَڃي.
[ سُر ڪوھياري، خودڪلامي، 5 ]
ڪِي جو زاغَ زَبانَ سين، لَنيو مَٿي لامَ،
پھچايائِين پِرِينءَ جا، سَرَتِيُون راتِ سَلامَ،
ڪاڪِيُون ڪَتي ڪامَ، تَہ ڪَھِيو سُڻِيان ڪانگَ جو.
[ سُر پورب، ڪانگ، 13 ]
پھچايائِين پِرِينءَ جا، سَرَتِيُون راتِ سَلامَ،
ڪاڪِيُون ڪَتي ڪامَ، تَہ ڪَھِيو سُڻِيان ڪانگَ جو.
[ سُر پورب، ڪانگ، 13 ]
ھُئَين وَسِيلو وِچَ ۾، ڪانگا پارِيَئِي ڪانَہ،
اُتَئِي ڪِينَ عَجِيبَ کي، ظاھِرُ ساڻُ زَبانَ،
توڙِ پھتين تان نَہ، اورِيائِين آڻِئو ڏيِين.
[ سُر پورب، ڪانگ، 25 ]
اُتَئِي ڪِينَ عَجِيبَ کي، ظاھِرُ ساڻُ زَبانَ،
توڙِ پھتين تان نَہ، اورِيائِين آڻِئو ڏيِين.
[ سُر پورب، ڪانگ، 25 ]
مُنھُن آھيريءَ جِيئَن اُجَري، قَلبَ ۾ ڪارو،
ٻَھران زيبُ زَبانَ سين، دِلِ ۾ ھَچارو،
اِنَ پَرِ ويچارو، ويجهو ناھِ وِصالَ کي.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 33 ]
ٻَھران زيبُ زَبانَ سين، دِلِ ۾ ھَچارو،
اِنَ پَرِ ويچارو، ويجهو ناھِ وِصالَ کي.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 33 ]
ڪوڙيِين ڪِيرَتِئا ھُئا، ڀَتو ڀَتِين ڀانَ،
جَنِ ٿي ڳَڙَھان ٻاھَرِ ڳايو، ظاھِرُ ساڻُ زَبانَ،
ھِيءُ مَنجِهہ پيٺو مَڱِڻو، اَپَرِ سين اِحسانَ،
اَلتحِياتُ للہِ والصَلَواتُ والطيباتُ ، چَئِي ساراھيائين سُبحانَ،
جِھَڙو ڀَلو ڀانُ، تِھَڙا ڏانَ ڏِياچَ جا.
[ سُر سورٺ، ڏنو سر ڏياچ، 12 ]
جَنِ ٿي ڳَڙَھان ٻاھَرِ ڳايو، ظاھِرُ ساڻُ زَبانَ،
ھِيءُ مَنجِهہ پيٺو مَڱِڻو، اَپَرِ سين اِحسانَ،
اَلتحِياتُ للہِ والصَلَواتُ والطيباتُ ، چَئِي ساراھيائين سُبحانَ،
جِھَڙو ڀَلو ڀانُ، تِھَڙا ڏانَ ڏِياچَ جا.
[ سُر سورٺ، ڏنو سر ڏياچ، 12 ]
English Meaning
The tongue, language, speech, words.
زَبانَ ٻول جا زمرا