رَڳُون بابت
معنيٰ
رت جون نليون، رت واھڻ. نسون. نبضون، ناڙَيون، شريانون. عادتون، خصلتون، هير. نسلي خاصيت.
Veins, sinews, fiber, arteries, muscles. The reins.

بيتن ۽ وائين ۾
- ساٿَر صِحَتَ سُپِرِين، آھي نَہ آزارُ، مَجلِسَ ويرَ مِٺو ٿِئي، ڪوٺِيندي قَھارُ، خَنجَرُ تَنھِن خُوبُ ھَڻِي، جَنھِن سين ٿِئي يارُ،…[ سُر ڪلياڻ - عشق ۽ معشوق ]
- رَڳُون ٿِيُون رَبابُ، وَڄَنِ ويلَ سَڀَ ڪَنھِن، لُڇَنِ ڪُڇَنِ نَہ ٻِئو، جانِبَ ريءَ جَوابُ، سو سَڌِيدُمِ سُپِرِين، ڪِيَسِ جَنھِن ڪَبابُ،…[ سُر ڪلياڻ - عشق ۽ معشوق ]
- جُھ سي سَنڀِرَجَنِ، سُهَہ جَنِ سين اورِيان، لُنءَ لُنءَ ھيٺِ وَڄَنِ، رَڳُون رَبابَنِ جِيئَن.[ سُر رِپ - گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار ]
- سَدا سامُھان پِرِين، پُٺِيرا سُونھَنِ، سَنئُون وَرائي سُپِرِين، جَي مُنھُن مان ڏُونھِن ڪَنِ، رَڳُون سَڀَ رَچَنِ، تَنَ ۾ تازائِي ٿِئي.[ سُر آسا - نيراني اکڙيون ]