رَڳُون جي سنڌي معنيٰ
رت جون نليون، رت واھڻ. نسون. نبضون، ناڙَيون، شريانون. عادتون، خصلتون، هير. نسلي خاصيت.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Veins, sinews, fiber, arteries, muscles. The reins.
رَڳُون جا بيتن ۾ حوالا
رَڳُون ٿِيُون رَبابُ، وَڄَنِ ويلَ سَڀَ ڪَنھِن،
لُڇَنِ ڪُڇَنِ نَہ ٻِئو، جانِبَ ريءَ جَوابُ،
سو سَڌِيدُمِ سُپِرِين، ڪِيَسِ جَنھِن ڪَبابُ،
سوئِي عَينُ عَذابُ، سوئِي راحَتَ رُوحَ جِي.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 6 ]

جُھ سي سَنڀِرَجَنِ، سُهَہ جَنِ سين اورِيان،
لُنءَ لُنءَ ھيٺِ وَڄَنِ، رَڳُون رَبابَنِ جِيئَن.
[ سُر رِپ، گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار، 22 ]

سَدا سامُھان پِرِين، پُٺِيرا سُونھَنِ،
سَنئُون وَرائي سُپِرِين، جَي مُنھُن مان ڏُونھِن ڪَنِ،
رَڳُون سَڀَ رَچَنِ، تَنَ ۾ تازائِي ٿِئي.
[ سُر آسا، نيراني اکڙيون، 30 ]

ساٿَر صِحَتَ سُپِرِين، آھي نَہ آزارُ،
مَجلِسَ ويرَ مِٺو ٿِئي، ڪوٺِيندي قَھارُ،
خَنجَرُ تَنھِن خُوبُ ھَڻِي، جَنھِن سين ٿِئي يارُ،
ساجَنُ رَبُ سَتارُ، سوجهي رَڳُون ساھَ جُون.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 5 ]