دوسُ بابت
معنيٰ
پيارو، پيار وارو، پرين، پريتم، حُب وارو، محبوب، دِل وارو، دِلدارُ، مُحِبُ، سڄڻ، دوست، يارُ، معشوق، محبوب.
Beloved, love, amour, friend, lover.
بيتن ۽ وائين ۾
- دوسُ پيھِي دَرِ آئِيو، ٿِئو مِلَڻَ جو ساعِيَو. ڏِينھَن پُڄاڻُون آڻي اَسان کي، مَولا مُحِبُ مِلائِيو، وِيو وِڇوڙو، ٿِيو مَيلاپو،…[ سُر يمن ڪلياڻ - وايون ]
- اَدِيُون سَڀَ اَندامَ، مُنھِنجا چَڙَنِ چورِئا، لارُنِ جَا لَنئُن لائِي، سا ڪِيئَن آڇِيان عامَ، لَڳِيَسِ جَنھِن جِي لامَ، سو دِلِاسا…[ سُر سھڻي - مينھون، چاھڪ، کرڪن ]
- دَران مَنجِهہ دوسُ ٿِئو، موٽِي پُڇُ پانھِين، عَبَثُ اَڳاھِين، وَڃِئو ڪُوڪِين ڪانڌَ کي.[ سُر آبڙي - ڳول سندو پاڻ ]
- مَرُ تَہ موچارِي ٿِيين، جِيئَڻُ آڏو جَتَ، ھارِي ڪَرِ ھِمَتَ، تَہ ڏيئِي دَمُ دوسُ لَھين.[ سُر معذوري - منڌ ۽ موت ]
- ڪَٽارو ۽ ڪوسُ، اَڱَڻِ آرِيءَ ڄامَ جي، دِيَتَ آھي دوسُ، مارَڳَ ۾ مُيُنِ جِي.[ سُر معذوري - سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ ]
- آتَڻُ اورانگهي وِئا، اَڱَڻِ مُون اَفسوسُ، ديوانِيءَ سين دوسُ، ساٿِي آھي سُڃَ ۾.[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- توھان ٽُٽي ڌارَ، ڪَنھِن ھَزارين ھارَ ڏِنا، توءِ تُنھِنجو نَہ ڏِيان، وِيھُون واٽُو وارَ، ھارِي مَٿي ھارَ، دوسُ مَٽايُئِي داسَڙو.[ سُر ليلا - ليلا ليلائيج ]